جنهن ڌرتي تي بيٺو آھيان، ھن ئي ڌرتيءَ تي اڪبر بادشاھ پيدا ٿيو ھو: جونيئر ذوالفقار ڀٽو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جونيئر ذوالفقار ڀٽو ڏياري جي خوشيون اقليتي برادري سان گڏ ملھائڻ لاءِ عمرڪوٽ پهتو، جتي هو تاريخي شو مهـاديو مندر ۾ پوجا پاٽ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو، ان موقعي تي اقليتي برادري جي ماڻهن جونيئر ذوالفقار ڀٽو جو پرتُپاڪ استقبال ڪيو، مٿس گل نڇاور ڪيا ويا، ۽ مندر جي احاطي ۾ شاندار آتشبازي سان رات کي روشن ڪري ڇڏيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لال مالھي پڻ ان موقعي تي موجود ھو، جنھن جونيئر ذوالفقار ڀٽو جو ڀرپور آجيان ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته جنهن ڌرتي تي بيٺو آھيان، اها مقدس سرزمين آھي، ھن ئي ڌرتيءَ تي برصغير جو عظيم حڪمران اڪبر بادشاھ پيدا ٿيو ھو، ھيءَ ڌرتي اسان کي اهو سيکاري ٿي ته هندو ۽ مسلمان سڀ ڀائر آھن، اسين سڀ انسان آھيون، ۽ مذھب جي بنياد تي ڪا به تفريق نه ھئڻ گھرجي، هن وڌيڪ چيو تہ ھي افسوس جي ڳالهه آھي ته عمرڪوٽ به ملڪ جي قديم شھرن مان آھي، پر لاھور ۽ عمرڪوٽ جي ترقي ۾ ايترو وڏو فرق ڇو آھي؟ ھي فرق ختم ٿيڻ گھرجي، جنھن بعد جونيئر ذوالفقار ڀٽو قوم پرست اڳواڻ جي ايم ڀڳت جي رھائشگاهه تي پھتو، جتي ھن کائنس خيريت معلوم ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻو ايم اين اي لال مالھي ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ ھئا.
0 تبصرے