جسقم نوشهروفيروز پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 41هين ورسي ملهائي وئي

امجد مهيسر، فيصل مستوئي ۽ ٻين جي شهيد امان الله وسطڙو جي آخري آرامگاهه تي حاضري

جسقم نوشهروفيروز پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 41هين ورسي ملهائي وئي

نوشھروفيروز(ڊ ر)ٽوژھي ڦاٽڪ جي شھيدن جي 41 ھین ورسي جي موقعي ته جسقم ضلع نوشھروفيروز طرفان جيئي سنڌ قومي محاذ جی مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر ضلعي اڳواڻ فيصل مستوئي علي رضا خاصخيلي عزيز ڀنگھوار ھارون ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ مچر ۾ شھيد امان الله وسطڙو جي مزار تي حاضري ڀري قومي پرچم جي چادر چاھڙي گلن جي ورکا ڪري قومي تراني سان ڀيٽا ڏني وئي۔ ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻن شھيدن کي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي چيو ته وقت جي رھزنن ٽوڙھي فاٽڪ جو واقعو ڪري سنڌ امڙ کان پنھنجا ڪونڌر پٽ جدا ڪيا شھيد جا وارث اسان قومي ڪارڪن آھيون شھيد ٿيل سنڌيونيورسٽي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن جي عظمت جدوجھد ۽ شھادت کي نمي سلام ڪيون ٿا۔ شھيد قومي ڪارڪن سنڌ جي شاگرد سياست کي مقتل گاھ جو رومانس ڏئي قومي سياست ۾ روح ڦوڪيو جيڪو اڄ تائين جاري آھي، قومي شھيد وطن جو اثاثو ھوندا آھن ان موقعي تي ،امجد مھيسر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته افغان عزت سان پنھنجي ملڪ وڃن پيپلز پارٽي ھٿ وٺي ڪراچيء مان اھا لوڌ خيرپور ۔نوشھروفيروز سکر ضلعن ۾ موڪلي پئي اسان کي افغان ھرگز قبول نه آھن۔