English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران موسمياتي انصاف جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي
105 views
|
16th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪورنگي ڪريڪ ائير بيس جي مين گيٽ کان مل جيٽي ابراهيم حيدري تائين ريلي ڪڍي وئي، عورتون به شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران موسمياتي انصاف، ناجائز قرض جي منسوخي ۽ قرض بابت گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن جي گهر لاءِ وڏي ريلي ڪڍي ويئي، جنهن ۾ ماهيگير عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ڪورنگي ڪريڪ ائير بيس جي مين گيٽ کان شروع ٿي ۽ مل جيٽي ابراهيم حيدري تي ختم ٿي. ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ چيو ته عالمي مالي ڍانچي تي امير ملڪن جو غلبو آهي، جڏهن ته غريب ملڪن کي رڳو قرض وٺڻ ۽ سود ڀرڻ جي اذيت ۾ جڪڙيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ اهڙي مالي نظام جي ضرورت آهي جيڪو عدم مساوات کي گهٽائي مالي استحڪام پيدا ڪري ۽ موسمياتي تبديلي لاءِ مناسب مالي سهڪار فراهم ڪري، پر امير ملڪن غيرمنصفاڻو نظام اختيار ڪيو آهي.سول سوسائٽي جون تنظيمون ۽ تحريڪون به ناجائز ۽ غيرپائيدار قرضن جي منسوخي لاءِ آواز اٿاري رهيون آهن ۽ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن ذريعي شفاف ۽ جمهوري طريقيڪار تي زور ڏئي رهيون آهن. رپورٽن موجب، رڳو سال 2022ع ۾ ترقي پذير ملڪن پنهنجن ٻاهرين قرض ڏيندڙن کي قرض ۽ سود جي ادائگين کان وڌيڪ 49 ارب آمريڪي ڊالر ادا ڪيا. پاڪستان IMF ۽ ورلڊ بئنڪ جي قرضن ۾ جڪڙيل آهي، جيڪي ملڪ کي ٽيڪسن ۾ واڌ ۽ سرڪاري ادارن جي نجيڪاري لاءِ مجبور ڪن ٿا، جنهن جي ڪري مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي.مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ايوب شان خاصخيلي چيو ته بين الاقوامي ٽيڪس جو نظام مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، جيڪو OECD جي امير ملڪن جي ڪلب ٺاهي ڇڏيو آهي. هي نظام عوامي خدمتن، ترقي، انساني حقن، صنفي برابري ۽ موسمياتي انصاف لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ٽيڪس ڪنوينشن تي ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ هاڻي سڀني رڪن ملڪن کي ايمانداري سان هڪ مضبوط فريم ورڪ ڪنوينشن تي ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ گهرجي.پي ايف ايف ڪراچي جي صدر مجيد موتاڻي چيو ته گڏيل قومن جو ماحولياتي ڪنوينشن امير ملڪن کي پابند ڪري ٿو ته هو موسمياتي بحران جا ذميوار آهن، جن جي نتيجي ۾ ترقي پذير ملڪن ۾ ٻوڏ ۽ طوفانن جا نقصان وڌيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ امير ملڪن کي پاڪستان سميت سڀني غريب ملڪن جا قرض ختم ڪري، موسمياتي نقصانن لاءِ مالي سهائتا مهيا ڪرڻ گهرجي.پي ايف ايف ڪراچي جي سيڪريٽري طالب ڪچهي چيو ته قرض پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ڇوتہ ملڪ IMF ۽ ورلڊ بئنڪ جي قرضن جي چڪر مان نڪري ئي نٿو سگهي. تنهنڪري اسان ناجائز قرضن جي منسوخي لاءِ روڊن تي نڪري آيا آهيون. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن ۽ مردن نعرن ۾ مطالبو ڪيو ته عوام کي خوشحال ۽ بهتر زندگي لاءِ سڀ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ دنيا جي سڀني غريب ملڪن جا قرض معاف ڪيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم
0 تبصرے