English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
247 views
|
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون ۽ مظاهرا، نوابشاهه، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊوآدم، مدئجي، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ، خبر موجب نوابشاهه ۾ اسلامي جميعت طلباء پاران نوابشاهه پريس ڪلب آڏو فلسطينينن جي حمايت ۽ اسرائيل جي مخالفت ۾ شيراز چوڪ کان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪرڻ بعد نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي اڳواڻن عبداللہ قريشي عمر طارق ۽ ٻين چيو ته اسان جو پهريون مطالبو اهو آهي ته پاڪستان صرف فلسطينين کي رياست تسليم ڪري ۽ اسرائيل کي ڪنھن به صورت ۾ تسليم نه ڪري ۽ هنن چيو ته اسرئيل هن وقت تائين 60 هزار کان وڌيڪ فلسطينينن کي شھيد ڪري چڪو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا ھنن چيو ته فلسطينينن جي لاءِ امدد کڻي ويندڙ سينيٽر مشتاق ۽ ان جي ساٿين کي اسرائيل جي قيد مان آزاد ڪرايو وڃي ھنن عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته اسرئيل ۽ نيتن ياهو خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي ۽ حراپبلڪ اسڪول پاران فلسطينين جي مظلوم عوام سان اظھاريڪجھتي ۽ اسرائيلي جارحيت .بربريت خلاف غلام مطفاميراڻي. امدادالله بجاراڻي .آفتاب باجڪاڻي .ميان عبدالحسيب ڀرچونڊي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن جي ريلي. سخت نعرا. ريلي ۾ معصوم ٻارڙن ب وڏي انگ ۾ شرڪت ڪيو جن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ.جھنڊا. بينر ساڻ ھئا جيڪي شھر۾ مارچ ڪندا پريس ڪلب پھتا جت اڳواڻن فلسطين عوام جي حمايت ۾ خطاب ڪيو.، ٽنڊوآدم ۾ اسلامي جمعيت طلبه پاران غزا مارچ ريلي ڪڍي وئي. شاگردن، استادن، سياسي، سماجي ڌرين ۽ شھرين جي شرڪت، اسرائيل خلاف نعريبازي، ٽنڊوآدم ۾ اسلامي جمعيت طلبه ٽنڊوآدم پاران فلسطيني ڀائرن جي حمايت ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف ساجد حبيب، سمير ٽالپر، بلال احمد ڪمبوه، عبدالغفور انصاري، عبدالستار انصاري، احمد بلال غوري جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين غزا مارچ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن، ڪاليجن جي شاگردن، استادن سميت سياسي، سماجي، مذھبي ڌرين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقررن ڳالهائيندي چيو ته غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جاري آھي. روزانو فلسطينين کي شھيد ڪيو پيو وڃي، پر افسوس پاڪستان سميت دنيا جا مسلمان ملڪ خاموش بڻيل آھن. اقوام متحده به ڪو ايڪشن نٿي وٺي. اسرائيل عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي گلوبل صمود فلوٽيلا جي پرامن قافلي کي يرغمال بڻايو. اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سميت ڪيترائي ماڻھون اڃان تائين اسرائيل جي قيد ۾ آھن. هنن عالمي برادري کان گهر ڪئي ته قيد بڻايل گلوبل صمود فلوٽيلا جي ماڻھن کي آزاد ڪرائڻ سميت غزا ۾ ظلم بند ڪرايو وڃي.، مدئجي ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي فلسطين سان يڪجهتي طور (يڪجهتي غزہ مارچ) ريلي ڳوٺ جندوديرو مان 2 ڪلوميٽر پيدل ريلي مدئجي بس اسٽينڊ تي پهتي جتي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن هٿن ۾ شهيد معصوم ٻارڙن جا غائبانا ميتون هٿن ۾ کڻي اسرائيل جي جارجيت خلاف ۽ فلسطين سان يڪجهتي طور مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ، ان موقعي ت اڳواڻڻ عبدالرحمان مگريو، مولوي عبدالعزيز ڀٽو، عبدالرزاق مڱريو، مزمل ڀٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جيستائين فلصطينن سان انصاف ن ٿيندو تيستائين احتجاج ڪيو ويندو . ٽنڊو محمد خان ۾ جماعت اسلامي عورت ونگ ۽ اسلامي جمعيت طلبه پاران اسرائيلي جارحيت بربريت خلاف غزا مارچ ، جلوس ، مظاهرو، احتجاجي جلوس ۾ مذهبي تنظيمن گڏيل طور اسرائيلي جارحيت جي خلاف پيادل مارچ ڪري جلوس ڪڍي مظاهري کانپوءِ ڌرڻو لڳايو، اسرائيلي جارحيت خلاف ڦليلي روڊ تي لڳايل ڌرڻي ۾ وڏي تعداد ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت ، ڌرڻي سبب ٽرئفڪ مڪمل بند ، ڦليلي روڊ تي ڌرڻي ۾ شامل جماعت اسلامي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ريحانه عشرت ، جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالقدوس ، اسلامي جمعيت طلبه جي صوبائي اڳواڻ رائو مسلم ، ضلعي امير ابو نعمان ، پير مسلم جان سرهندي ، اڪرم بيگ ۽ ٻين خطاب ڪندي اسرائيلي جارحيت ظلم بربريت جو عالمي ادارن کي نوٽيس وٺڻ سان گڏ پوري دنيا کي گڏجي اسرائيل خلاف عالمي سطح تي مضبوط ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته فلسطيني عوام سان پوري مسلم امت گڏ آهي ، جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي اسرائيلي فورس جي قبضي مان آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جماعت اسلامي جي سڏ
0 تبصرے