English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ خلاف وارثن جو احتجاج
61 views
|
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس مال جي واڙي تان اميد علي پالاري کي کنڀي هاف فراءِ ڪيو: وارث
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)جهمپير ٿاڻي جي حد ۾ مال جي واڙي تان شورا موري جي رهواسي نوجوان اميد علي پالاري ولد شفيع محمد پالاري کي ٽي ڏينهن اڳ نوري آباد پوليس طرفان حراست ۾ وٺي، بعد ۾ مبينا طور تي جعلي پوليس مقابلي ۾ “هاف فراءِ” ڪرڻ جي واقعي خلاف پالاري برادريءَ جي ماڻهن عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سخت احتجاج ڪيو۔پريس ڪانفرنس دوران انوَر پالاري، رشيد پالاري، ڪرم پالاري ۽ محمد حسن پالاري الزام هنيو ته نوري آباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او حاڪم جلباڻي ۽ منشي نواز لاشاري پوليس جي وڏي نفري سان گڏجي سندن گهرن تي چڙهائي ڪئي۔ پوليس زبردستي گهرن ۾ داخل ٿي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو، عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪيو ۽ عورتن جي توهين به ڪئي۔سندن چوڻ هو ته پوليس گهرن ۾ توڙڦوڙ ڪئي ۽ 8 بڪريون، 2 موٽرسائيڪلون، سون، ڪپڙا، بسترا ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي وئي، جڏهن ته نوجوان اميد علي پالاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو۔ بعد ۾ پوليس کيس جعلي مقابلي ۾ “هاف فراءِ” ڪري زخمي ڪيو ۽ ان جي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو۔متاثر ماڻهن ٻڌايو ته هو تازين برساتن کان پوءِ مال جي چارَي جي تلاش ۾ ضلعي ٺٽي جي حد شفو گولائي وٽ عارضي طور رهائش پذير هئا، جتي ٽي راتيون اڳ نوري آباد پوليس بلاجواز سندن گهرن تي ڇاپو هنيو۔انهن الزام لڳايو ته جڏهن پوليس سان اميد علي جي آزاديءَ لاءِ ڳالهه ڪئي وئي، تڏهن منشي نواز لاشاري پنج لک رپيا رشوت جو مطالبو ڪيو، ۽ رقم نه ڏيڻ تي پوليس کيس جعلي مقابلي ۾ زخمي ڪيو۔متاثر ماڻهن آئي جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته نوري آباد پوليس جي زيادتين ۽ مبينا جعلي مقابلي جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، گرفتار نوجوان اميد علي پالاري کي آزاد ڪيو وڃي، ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي، ۽ پوليس طرفان کنيل سامان واپس ڪرايو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ نوجوان کي هاف فراءِ
0 تبصرے