English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي ۾ غير رجسٽرڊ ڪمپنين جي جعلي ٻج، دوائن ۽ ڀاڻ جو وڪرو جاري
138 views
|
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
غير رجسٽرڊ ڪمپنين جي جعلي ٻجن ۽ ڀاڻ انهن جي سموري محنت ضايع ڪري ڇڏي
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)ضلعي ٺٽي ۾ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ جي مبينه ملي ڀڳت سان غير رجسٽرڊ ڪمپنين پاران جعلي ٻج، غير معياري زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جي وڪري ۾ تيزي اچي وئي آهي، جنهن سبب مقامي زميندار ۽ هاري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهن۔مقامي آبادگارن موجب هڪ پاسي سنڌ حڪومت جي ناقص زرعي پاليسين ۽ انتظامي غفلت سبب فصلن لاءِ مناسب اگهه مقرر نٿا ٿين، ته ٻي پاسي غير رجسٽرڊ ڪمپنين جي جعلي ٻجن ۽ ڀاڻ انهن جي سموري محنت ضايع ڪري ڇڏي آهي۔ نتيجي طور نه ته آبادگارن کي پيداوار جو صحيح معاوضو ملي رهيو آهي، ۽ نه ئي زمين مان سٺي اپت حاصل ٿي رهي آهي۔زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته "جعلي ٻج ۽ غير معياري ڀاڻ استعمال ڪرڻ سان نه صرف فصلن جي پيداوار گهٽجي ٿي، پر زمين جي زرخيزي به متاثر ٿئي ٿي، جنهن جا اثر زمين تي ڪيترن سالن تائين برقرار رهن ٿا۔"ذريعن موجب، اهي ڪمپنيون آبادگارن کي قرض جي آڙ ۾ بليڪ ميل ڪري پنهنجا جعلي ٻج ۽ ڀاڻ خريد ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون۔ٻئي طرف ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ جي ڪجهه عملدارن تي الزام آهي ته هو انهن ڪمپنين جي اسٽورن تان ماهوار ڀتي طور رقم وٺي کين کلي ڇڏي ڏين ٿا، جنهن جي عيوض اهي ڪمپنيون لکين رپيا ڪمائن ٿيون۔وڌيڪ انڪشاف مان معلوم ٿيو آهي ته انهن غير رجسٽرڊ ڪمپنين ۾ به مقامي نوجوانن کي نظرانداز ڪري ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، جيئن سندن اندروني معاملن جيو پول نه کلي پوي۔ ساڳي خدشي سبب هول سيل ڊيلر به انهن مقامي نوجوانن سان ڪاروباري لاڳاپا رکڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، جيڪي رجسٽرڊ ڪمپنيون شروع ڪرڻ چاهين ٿا، جيئن انهن جو نقلي ڪمپنين سان مبينه گٺ جوڙ ظاهر نه ٿئي۔مقامي آبادگارن ۽ سماجي حلقن سنڌ حڪومت، زرعي کاتي، نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوراً غير رجسٽرڊ ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جعلي ٻج ۽ ڀاڻ جي وڪري تي پابندي وڌي وڃي، مقامي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ رشوت ۽ ڪرپشن ۾ ملوث سرڪاري عملدارن جو احتساب ڪيو وڃي۔آبادگارن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت بروقت قدم نه کنيو ته ايندڙ فصل جي موسم ۾ ٺٽي جي زرعي معيشت کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچي سگهي ٿو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ضلعي ٺٽي ۾ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ
0 تبصرے