English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ تيز رفتار مزدا ٿنڀي سان ٽڪرائجڻ بعد روڊ ڪناري جهوپڙي اڏي ويٺلن مٿان چڙهي وئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 گهرڀاتي فوت، ڪيترائي زخمي
87 views
|
05th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ روڊ حادثو جنھن جي نتيجي ۾ 07 ماڻهو فوت ٿي ويا,ڪيترائي ماڻھو زخمي ٻڌايو پيو وڃي تہ شڪارپور جي ڪندن باء پاس چورنگي وٽ روڊ حادثو پيش آيو آھي حادثي ۾ معصوم ٻارن عورتن سميت 7 ماڻھو فوت ٿيا جن ۾ غيني ڌيء نواب,رابعہ زال ڪيني, ريما,سعديہ ڌيء ڪيني,امان اللہ پٽ جبار,راشدہ,پٺاڻي ڌيء ڪيني شامل آھن,جڏھن تہ ھوڏانھن واقعي واري ھنڌ موجود اکين ڏٺل شاھدين موجب تہ حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آھي,تيز رفتار مزدا ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري بجلي جي پول سان ٽڪرائجڻ بعد سامھون روڊ ڪناري جھوپڙيون اڏي ويٺل ٻالي شاھي شيخ قبيلي جي ماڻهن مٿان چڙهي وئي,ڪيترائي ماڻهوَ مزدا ھيٺيان دٻجي زخمي ٿي پيا,حادثي وقت ڪافي عورتون ۽ معصوم ٻار جھوپڙين اندر موجود ھئا جتي ھو زخمي ٿي پيا آھن,مزدا ھيٺيان دٻجي فوت ٿيلن ۽ زخمين کي ريسڪيو عملدارن توڙي علائقي واسين ۽ پوليس ٻاھر ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو, جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جڏھن تہ فوتين جا مڙھ ضروري ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪيا ويا,ھوڏانھن پوليس ٻڌايو تہ ھي حادثو اچانڪ پيش آيو آھي,رات جو ٽائيم ھو چورنگي کان ڪراسنگ دوران گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول کان نڪري بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي جنھن ۾ وڏو جاني نقصان پھتو آھي,پوليس مزدا گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي,جڏھن تہ ڊرائيور حادثي بعد فرار ٿي ويو آھي,جلد اھي بہ قانون جي گرفت ۾ ھوندا ھوڏانھن فوتين جا مڙھ سول اسپتال جي مردہ خاني ۾ پيل رھيا ضلعي انتظاميا طرفان فوتي خانابدوشن جا مڙھ ضروري ڪاروائي بعد غسل ۽ ڪفن جو بندوبست ڪري فوتين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس چڻڱي مقام قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ۾ تيز رفتار مزدا ٿنڀي
0 تبصرے