English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور جي صحافي امير بخش بروهي جي 22هين ورسي ملهائي وئي، تقريب منعقد
186 views
|
03rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شھيد امير بخش بروھي جو ڪردار اڄ بہ تاريخ ۾ امر آھي ھن ھميشہ حق سچ جي صحافت ڪئي: مقرر
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پريس ڪلب ۾ بھادر صحافي شھيد امير بخش بروھي جي 22 ھين ورسي جي تقريب ڪوٺائي وئي,ورسي ۾ قرآن خواني ڪئي وئي شھيد جي مزار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا ويا ۽ مغفرت لاء دعا گھري وئي, ورسي تقريب ۾ ضلعي جي مختلف علائقن خانپور, لکي غلام شاھ,ميان صاحب سميت شڪارپور پريس ڪلب جي عھديدارن صدر عبدالسلام انڙ, جنرل سيڪريٽري رحيم بخش جمالي, سينيئر صحافي سلطان رند,سوڍو جيمس, رحمت اللہ سومرو, زاھد سنجراڻي,عبدالرزاق بروھي, وحيد بروھي, ارشاد آرائين سميت ٻين ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪئي,تقريب ۾ بھادر صحافي شھيد امير بخش بروھي جي زندگي ۽ صحافتي پورھي تي روشني وڌي وئي ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي,ان موقعي تي صحافي دوستن خطاب ڪندي چيو تہ شھيد امير بخش بروھي جو ڪردار اڄ بہ تاريخ ۾ امر آھي ھن ھميشہ حق سچ جي صحافت ڪئي شھيد امير بخش غريب مظلومن جو آواز ھو شھيد جي ڪيل خدمت اڄ بہ ياد آھي,ھن کي شھيد ڪندڙ ظالم اڄ بہ درپدر آھن,ھنن چيو تہ اسان سڀني تي فرض آھي تہ اسان شھيد انير بخش بروھي سميت جيڪي شڪارپور جا شھيد توڙي فوت ٿي ويل صحافي آھن انھن جي اولاد جي سار لھو ۽ انھن جي فيملي جي مالي سھائتا لاء ڪوششون ڪيون جيئن انھن جي فيملي سڪون سان زندگي گذاري سگھن,ورسي تقريب ۾ سينيئر صحافي سطان رند طرفان اعلان ڪيو ويو تہ شھيد امير بخش بروھي کي جنھن جگاھ تي شھيد ڪيو ويو اتي ھڪ شھيد جي يادگار جوڙائي ويندي,وحيد بروھي طرفان انھن جي ٻارڙن جي مفت تعليم جي ذميواري جو اعلان ڪيو اھڙي سمورن دوستن شھيد جي خاندان جي مالي سھائتا ڪرڻ جو وچن ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شھيد امير بخش بروھي
شڪارپور
0 تبصرے