تقريب کي پروگرام ڪوآڊينٽر غلام فاطمہ,سوشل ويلفيئر جي دين محمد شيخ,سرسو ڊي ايم جنسار علي جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪيو
شڪارپور( احسان ابڙو) پھرين آڪٽوبر بزرگن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان شڪارپور پريس ڪلب ۾ فائيد سماجي تنظيم (اين جي اوز) طرفان سينئر سٽيزن بزرگن جي حقن جي حاصلات لاء تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ شڪارپور شھر سميت آس پاس مان بزرگ مردن توڙي عورتن شرڪت ڪئي,ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي پروگرام ڪوآڊينٽر غلام فاطمہ,سوشل ويلفيئر جي دين محمد شيخ,سرسو ڊي ايم جنسار علي جتوئي,سوشل ويلفيئر اسسٽنٽ ڊائڪريٽر عبدالسليم شيخ,ميڊيم ڪنول , فياض علي سميت ٻين چيو تہ اسان سڀني جو فرض آھي,تہ اسان پنھنجي گھر سميت آس پاس ۾ رھندڙ عمر رسيدہ ماڻھن جو احترام ڪيون ۽ انھن جي سار لھي انھن جي ڏکن ۾ شامل ٿيون, جيئن انھن کي بزرگي ۾ بار محسوس نہ ٿي انھي حوالي سرڪار کي گھرجي تہ عمر رسيدہ ماڻھن جي لاء صحت,سميت ٻيون بنيادي سھولتون مھيا ڪري ڏنيون وڃن جيئن ھو,پنھنجي زندگي کي پرسڪون طريقي سان گذاري سگھن,تقريب ۾ بزرگن جي لاء ڪيڪ ڪاٽي انھن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي..
0 تبصرے