عمرڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران مريم نواز جي سنڌ مخالف بيانن جي مذمت

بار ايسوسيئيشن جو اجلاس نائب صدر ميان بخش کوسو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ گڏيل طور تي قراردادون پيش ٿيون

عمرڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران مريم نواز جي سنڌ مخالف بيانن جي مذمت

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن وزيراعلي پنجاب مريم نواز پاران سنڌ خلاف ڏنل تڪراري بيانن ۽ "زھر اوڳاڇڻ" جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مزمتي قرارداد پاس ڪري ڇڏي، بار ايسوسيئيشن جو اجلاس نائب صدر ميان بخش کوسو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ گڏيل طور تي قراردادون پيش ٿيون، اجلاس ۾ وڪيل اڳواڻن چيو ته وزيراعلي پنجاب جو ڏنل بيان رڳو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ تڪليف ڏيندڙ نه آهي پر صوبائي هم آهنگي ۽ گڏيل وفاقي ڍانچي لاءِ به نقصانڪار آهي، اهڙو رويو ۽ زبان ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو نه آهي، وڪيل اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ قومي سڃاڻپ تي حملو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هڪ وفاقي يونٽ جي وڏي وزير طرفان غير ذميوار رويو صوبن ۾ ڇڪتاڻ ۽ نفرت وڌائيندو، جيڪو ملڪ جي سلامتي لاءِ خطرو ثابت ٿيندو، هنن مطالبو ڪيو ته مريم نواز فوري طور سنڌ جي عوام کان معافي وٺي، عمرڪوٽ بار ايسوسيئيشن گڏيل فيصلي تحت مريم نواز جي بيان خلاف اڄ احتجاجي طور تي عدالتي ڪاروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو، وڪيل اڳواڻن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهڙن متضاد ۽ خطرناڪ بيانن جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، صوبائي هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي کي برقرار رکڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.