ڄامشورو جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ حيدرآباد واسي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران پوائنٽ بس جو مطالبو

لائين چينل گھانگھرا موري کان ٽنڊو عالم مري تائين مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ بس پوائنٽ ھلائي وڃي: شاگردياڻيون

ڄامشورو جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ حيدرآباد واسي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران پوائنٽ بس جو مطالبو

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر)تعلقي حيدرآباد جي ٽنڊو عالم وايہ ٽنڊو يوسف ٿاڻو ۽ گھانگھرا جي ڀر پاسي وارن ڳوٺاڻن معززين رھاڪن جو گھڻو تعداد يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شاگردن کي ڄامشورو جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن جنھن ۾ گھڻو تعداد نياڻين جو آھي جيڪي مھراڻ يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪري رھيون آھن. دينار کوسو مٺل لنڊ جيندو ھاليپوٽو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي نياڻين کي گرمي سردي برساتن ۾ ڳرا ڀاڙا ڀري يونيورسٽي پھچن ٿيون مھراڻ يونيورسٽي انجنيئر جي شاگردياڻين مھراڻ يونيورسٽي جي چانسلر وزير آبپاشي ڄام خان شورو کان مطالبو آھي تہ لائين چينل گھانگھرا موري کان ٽنڊو عالم مري تائين مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ بس پوائنٽ ھلائي وڃي تہ جيئن نياڻين کي سھولت ملي سگھي يونيورسٽي بس پوائنٽ جو اسٽاپ ڳوٺ غلام محمد شاھ لڳ محمود آباد مقرر ڪيو وڃي تہ جيئن محنتي پورھيت ڳوٺاڻن جو نياڻيون شاگرد آسانيءَ سان مھراڻ يونيورسٽي ۾ بروقت پھچي سگھن ۽ پنھنجي تعليم جاري رکي سگھن.