English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ڪي يو جي ورڪرز جو شهيد صحافي امتياز مير جي وارثن سان تعزيت جو اظهار
201 views
|
01st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ۽ ڪي يو جي ورڪرز جي گڏيل وفد شهيد صحافي ۽ اينڪر پرسن امتياز مير جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) ورڪرز جي گڏيل وفد شهيد صحافي ۽ اينڪر پرسن امتياز مير جي تڏي تي پهچي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو وفد ۾ ڪي يو جي جو اڳواڻ سامي ميمڻ، عوامي پريس ڪلب ملير جا سينيئر صحافي طارق سهتو، اصغر ميمڻ، نادر وسير ۽ ٻيا صحافي شامل هئا. وفد مرحوم جي ڀائرن، ڀائيٽن ۽ ٻين وارثن سان مليو ۽ چيو ته امتياز مير جي شهادت رڳو صحافتي برادري لاءِ نه پر سموري سماج لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي وفد جي ميمبرن چيو ته امتياز مير پنهنجي پوري پيشورانه زندگيءَ ۾ هميشه سچائي ۽ عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ هو پنهنجي جان جي بازي لڳائي به صحافتي اصولن تي قائم رهيو. هنن حڪومت سنڌ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته صحافين جي جان ۽ عزت جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي ۽ امتياز مير جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، جيئن اهڙين واقعن کي روڪي سگهجي.ان موقعي تي مرحوم جي اهل خانہ وفد جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته امتياز مير جي قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي جي خاندان جي مالي ۽ اخلاقي سهائتا ڪئي وڃي ۽ قتل جي ڪيس کي فوري طور تي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
عوامي پريس ڪلب ملير
ڪراچي يونين آف جرنلسٽس
0 تبصرے