English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي شاگرد تحريڪ(ڪيو اي ٽي) پاران ٻن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو ۽ ميمبرشپ ڪيمپ لڳائي وئي
163 views
|
01st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ، مھراڻ ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽين جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ڪتابي ميلو ۾ پھچي ڪتاب خريد ڪيا
ڄامشورو (رپورٽر) سنڌي شاگرد تحريڪ(ڪيو اي ٽي) پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ سينٽرل لائبريري ڀرسان ٻن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو ۽ ميمبرشپ ڪيمپ لڳائي وئي سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ڪتابي ميلو ۾ پھچي وڏي تعداد ڪتاب خريد ڪيا. مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ميمبر شپ ڪئمپ تي پھچي 100 کان مٿي شاگردن سنڌي شاگرد تحريڪ شامل ٿي ميمبر شپ ڪرائي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ يونيورسٽي جي صدر عامر کوسو خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي۔ شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي۔ سنڌ جو ھر نوجوان تعليم يافته ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. سنڌ جي ترقي بي پناھ محنت ۽ تعليم سان ئي ممڪن آهي. اشفاق اشرف پليجي چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا. ميرٽ ناھي تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي. نعيم شر خطاب ڪندي چيو تہ اسان جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنٽيفڪ ھجڻ گھرجي. نوجوان سنڌ ۾ ڏوھن ۽ جھالت جو رستو روڪين ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ ۾ ميريٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي، انٽري ٽيسٽ ذريعي ميڊيڪل جون سيٽون نيلام ڪيون وينديون آهن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪري ڪڙورين روپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون ويون. فرمان ڪپري خطاب ڪندي چيو تہ جاھل حڪمرانن سنڌ جي تعليمي نظام کي تباهي جي ڪناري تي بيهاري ڇڏيو آهي.سنڌ جي تعليم جي تباھي سنڌ تي وڏو حملو آھي. سنڌ بلوچستان ۽ ڪشمير کان بہ تعليم ۾ پٺتي پيل آھي. مھدي حسن لغاري خطاب ڪندي چيو تہ دنيا محنت ۽ ميرٽ وارن جي آھي. پ پ چاھي تہ ٿي ماڻھو سوال نہ ڪن. محنت ۽ تعليم کان پري ھجن ۽ ووٽ ڏيڻ جي مشين ھجن. ظاھر ڪپري، پرمنان ڪرشن، زبير پليجو، وقار جيسر، ياسرجلباڻي، رضوان لاشاري، خان محمد ٽالپر، معضم ڀرڳڙي، ڪاشف چاچڙ، جرور لال، نريش ڪمار، آصف جوڳي، امجد رشيد ۽ ٻين ڪارڪنن ڪتابي ميلي ۾ رضاڪاري جا فرض انجام ڏنا ميلو سڀاڻي (اڄ) جاري رھندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ميمبر شپ
0 تبصرے