English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد جي غريب آباد پاڙي ۾ پورهيت جي گهر ۾ ڌاڙو
222 views
|
30th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربند پيارو ڪلمتي جي گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو: متاثر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گذريل رات دير سان ٽن هٿياربندن رزاق آباد جي غريب آباد پاڙي ۾ پورهيت پيارو ڪلمتي جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هنيو ان سلسلي ۾ گهر مالڪ پيارو ڪلمتي جو چوڻ هو ته هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿيندي ئي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ان دوران هٿياربندن گهر ۾ موجود چار لک روڪ رقم، سون ۽ قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا. تشدد سبب گهرڀاتين کي شديد ذهني ۽ جسمي تڪليف پهتي جڏهن ته رزاق آباد ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ ڇانئجي ويو آهي اطلاع تي علائقي معزز اڪبر ڪلمتي، فيض سنڌي ،شيراز سولنگي، اقبال ڪلمتي، وهاب گبول صدام ڪلمتي ۽ ٻيا پهچي ويا جن سخت احتجاج ڪندي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته علائقي ۾ ڪجهه وقت کان وارداتن ۾ واڌارو ٿي ويو آهي پر پوليس روائتي “ڪاروائي” ۾ لڳل آهي ۽ واقعي کان پوءِ به ڪا به اهم اڳڀرائي يا گرفتاري سامهون نه آئي آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي کان پوءِ “نانگ ويو نڪري” واري روايتي طريقي تي هلي رهي آهي، جنهن سبب ڏوهارين جا حوصلا بلند ٿين ٿا.رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث هٿياربندن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ علائقي ۾ گشت وڌائي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
هٿياربندن رزاق آباد
هٿياربند پيارو ڪلمتي
0 تبصرے