شڪارپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جو احتجاجي جلسو، محمد اشرف خاصخيلي ۽ ٻيا شريڪ

پينشن ۾ ڪٽوتي ختم ڪري ڊي آر اي الائونس، گروپ انشورنس ۽ فوتي ڪوٽا بحال ڪيا وڃن: اشرف خاصخيلي

شڪارپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جو احتجاجي جلسو، محمد اشرف خاصخيلي ۽ ٻيا شريڪ

شڪارپور (احسان ابڙو)سنڌ ايمپلائيز الائنس (SEA) چيئرمين حاجي محمد اشرف خاصخيلي ۽ مرڪزي اڳواڻن جي شاندار آمد تي شڪارپور ۾ ڀرپور استقبال ڪيو ويو. اسڪارپ ڊرينيج ۽ ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽ هيڊڪوارٽر وٽ آپڪا اڳواڻن استاد عبدالوهاب ڪاغذي، نظير حسين شاهه، وحيد احمد ڄامڙو، شفيق احمد شيخ، اغا شعيب خان پٺاڻ، ڌڻي بخش ڀيو، مجاهد حسين لانگاھ، ڊاڪٽر سيد اطهر حسين شاهه، نوشاد علي ڀٽو، بشير احمد لاشاري ۽ ٻين طرفان گل نڇاور ڪري زبردست آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي هڪ عظيم الشان ريلي نڪتي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول شڪارپور پهتي، جتي ضلع چيئرمين سيد راشد حسين شاهه ۽ ٻين اڳواڻن پڻ مرڪزي اڳواڻن جو استقبال ڪيو. جلسي گاھ ۾ مردن ۽ عورتن سميت هزارين ملازم موجود هئا. جلسي ۾ چيئرمين حاجي محمد اشرف خاصخيلي سان گڏ غلام رسول مھر، مقبول حسين مھر، بشير احمد چانڊيو، سيد اسرار علي شاهه، عبدالرحمان شر بلوچ، غلام سرور کوھارو ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پينشن ۾ ڪٽوتي ختم ڪئي وڃي، ڊي آر اي الائونس بحال ڪيو وڃي، گروپ انشورنس ۽ فوتي ڪوٽا بحال ڪيا وڃن، پگهارن ۾ اضافو ڪيو وڃي. انهن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته لکين ملازم 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس جو گهيراءُ ڪندا، جنهن جي ذميواري مڪمل طور سنڌ حڪومت تي هوندي. تقريب دوران اڳواڻن کي سنڌي لنگيون ۽ اجرڪون پيش ڪيون ويون، جڏهن ته ضلعي چيئرمين سيد راشد حسين شاهه سان گڏ عبدالوهاب ڪاغذي، غلام سرور کوھارو، نظام الدين شيخ، عبدالشڪور سومرو، امان الله مھر، احسان احمد ابڙو، ڊاڪٽر سيد اطهر علي شاهه، عبدالرحمان شر بلوچ، نصرالله شيخ، انتخاب احمد مھر، شفيق احمد شيخ، رشيد احمد سومرو، محمد اسحاق ٻرڙو، مجاهد حسين لانگاھ، شيراز احمد ڪيهر، سيد آصف علي شاهه، غلام رسول جهلڻ، فهيم احمد سومرو، نوشاد احمد ڀٽو، بشير احمد لاشاري، ڌڻي بخش ڀيو، سليم آرائين، محمد اڪرم ابڙو، اشفاق احمد ڀٽو، عبدالباسط چنا، عنايت الله مھر، آغا علي جان ۽ ٻين پڻ مرڪزي اڳواڻن جو ڀرپور استقبال ڪيو