English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٻه معصوم ٻارڙا بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت، علائقي واسين جو احتجاج
41 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
بختاور ڳوٺ ۾ حارث ولد عبدالغفار ۽ مريد حسين راند کيڏڻ دوران کڏ ۾ ڪِري ٻڏي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد مگسي چوڪ ڀرسان پلاٽ ۾ اڏاوت دوران پاڻيءَ جي جمع ٿيل کڏ ۾ ٻه معصوم ٻار ٻڏي فوت ٿي ويا . پوليس موجب بختاور ڳوٺ جا ٻه ٻارڙا حارث ولد عبدالغفار ۽ مريد حسين ولد عبدالمنير ـ راند ڪندي بيخبريءَ ۾ ان کڏ ۾ ڪري پيا ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا پوليس اطلاع ملڻ تي فوري طور واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ٻارڙن کي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندن موت جي تصديق ڪئي. پوليس موجب، اها کڏ هڪ نئين تعمير ٿيندڙ پلاٽ جي آهي، جنهن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو هو ۽ حفاظتي انتظام نه هئڻ سبب هي حادثو پيش آيو حادثي کان پوءِ علائقي ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر پکڙجي وئي جڏهن ته رهواسين انتظاميا ۽ مالڪن جي لاپرواهي خلاف احتجاج ڪيو. مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته ٺهندڙ پلاٽن، کوٽائن ۽ کڏن تي حفاظتي واڙ يا نشانيون نه هجڻ سبب ٻارن ۽ رهواسين لاءِ خطرو پيدا ٿيو آهي هنن جو چوڻ هو ته اسان ڪيترائي ڀيرا انتظاميا کي خبردار ڪيو پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ سڀني اڻپوري تعميراتي هنڌن کي فوراً محفوظ ڪيو وڃي، کڏن کي ڀريو يا باڙ هڻي بند ڪيو وڃي ۽ خطرناڪ هنڌن تي خبردار ڪندڙ بورڊ لڳايا وڃن ته جيئن اهڙا انڌوهناڪ حادثا ٻيهر نه ٿين. ساڳئي وقت رهواسين انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته فوت ٿيل ٻارن جي وارثن سان مالي مدد ۽ انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ڪينٽ ٿاڻي
بختاور ڳوٺ ۾ حارث ولد عبدالغفار ۽
0 تبصرے