عمرڪوٽ ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ جي وڏي ڀاءُ جي ديھانت تي ٻارس جي ماني ٿي گذري

پرتاب سنگھ راٺوڙ جي ديھانت تي ٻارس جي ماني ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي

عمرڪوٽ ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ جي وڏي ڀاءُ جي ديھانت تي ٻارس جي ماني ٿي گذري

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ جي وڏي ڀاءُ جي ديھانت تي ٻارس جي ماني ٿي گذري، سياسي سماجي حلقن شھر جي معززين ۽ برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي خبر موجب پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ جي وڏي ڀاءُ پرتاب سنگھ راٺوڙ جي ديھانت تي ٻارس جي ماني ٿي گذري جنھن ۾ عمرڪوٽ جي سياسي سماجي حلقن شھر جي معززين ۽ برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته تڏي تي ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي چيئرمين حاجي سيف الله خالد سراج سومرو، وائس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي، ميونسپل ڪميٽي جي ميمبرن برھان الدين ڪنڀر، ليکراج مالھي، اسحاق ڪنڀر، پ پ اڳواڻ سيٺ مدن لال سوماڻي مالھي سميت شھر جي سياسي سماجي حلقن مختلف شھرن کان آيل بجير برادري جي معززين پُھچي پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ سندس ڀائرن چندن سنگھ راٺوڙ، ماستر نندلال، ڪمل سنگھ، پونجراج سنگھ سميت پٽن رميش ڪمار، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار، ڀاڻيجن جئه چوھاڻ، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين سان ڏک ونڊيو