سيد ڪامران عطاري صدر پريس ڪلب غلام محمد ڪنڀر ۽ ٻين ميمبرن کي فيضانِ مدينه جي دوري جي دعوت ڏني
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) دعوتِ اسلامي ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي صوبائي ذميوار سيد ڪامران عطاري عمرڪوٽ پريس ڪلب پهتا، جتي صدر پريس ڪلب غلام محمد ڪنڀر ۽ ٻين سينيئر صحافين هنن جو پُرتپاڪ استقبال ڪيو، ان موقعي تي سيد ڪامران عطاري پريس ڪلب جي عهديدارن کي آگاهي ڏيندي چيو ته دعوتِ اسلامي ڪئين دينِ متين جي خدمت لاءِ مختلف ميدانن ۾ جاکوڙ ڪري رهي آهي، هن صدر پريس ڪلب غلام محمد ڪنڀر ۽ ٻين ميمبرن کي دعوتِ اسلامي جي مرڪز فيضانِ مدينه عمرڪوٽ جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، صدر پريس ڪلب غلام محمد ڪنڀر دعوت قبول ڪندي چيو ته اسان فيضانِ مدينه ضرور حاضر ٿينداسين ۽ دعوتِ اسلامي جي ڪوششن کي ساراهيندي هر ممڪن سهڪار جي به خاطري ڪرائي، بعد ۾ پريس ڪلب جي ٻين سينيئر صحافين ۽ ميمبرن پڻ سيد ڪامران عطاري سان ملاقات ڪئي ۽ ملاقات جو اختتام دعا سان ٿيو.
0 تبصرے