سجاول ۾ جساف جي مرڪزي اڳواڻ حنان عباسي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

جساف جي مرڪزي صدر حنان عباسي تي ڪيس مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن: اڳواڻ

سجاول ۾ جساف جي مرڪزي اڳواڻ حنان عباسي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

سجاول (رپورٽر) جسقم.جساف جي مرڪزي اڳواڻ ھنان عباسي تي ڪيس داخل ٿيئڻ تي جسقم سجاول ضلعي سجاول جي صدر محمد خان پٺاڻ .ايوب کوسو . ممتاز سانڌ. شاھجھان لغاري جي اڳواڻي ۾ سورج سجاولي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان دوران محمد خان پٺاڻ ممتاز ساند چيو ته پر امن احتجاج ڪرڻ تي جساف جي مرڪزي صدر ھنان عباسي تي ڪيس مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن جيڪو ڪورٽ ۾ پيشي بعد ڪورٽ مان نڪتو تہ کيس کنبي گم ڪيو ويو آهي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا ھنن چيو تہ ھنان عباسي تي داخل ڪيس توڙي کيس کنبي گم ڪرڻ ڪرڻ سميت جسقم خلاف رياست پاران بلاجواز گرفتاريون ڪيس داخل ڪرڻ بند ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ قيادت جيڪو سڏ ڏنو احتجاج وسيع ڪيا ويندا احتجاج ۾ ڪارڪنن پاران ھنان عباسي تي داخل ڪيس ختم توڙي انتظامي عمل خلاف نعريبازي ڪئي وئي