عرفان راجپوت ۽ پير بخش نول کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
مورو (رپورٽر) ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر مورو شھر جي مختلف چونڪن چوراھن تي سنيپ چيڪنگ دوران ٻن منشيات فروشن عرفان ولد ذوالفقار راجپوت ۽ پير بخش ولد عبدالرحمان نول کي گرفتار ڪري 11 ليٽر ڪچو شراب ريڪور ڪري ورتو ۽ مٿن مورو ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ايف آئي آر نمبر 330/2025 US 3/4 جو ڪيس داخل ڪري ورتو۔ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر پاران منشيات فروشن خلاف ھڪ ٻي ڪاروائي ۾ ھڪ منشيات فروش دستگير ڪالوني مورو جي رهواسي محمد ارسلان ولد محمد طاھر راجپوت کي 05 ليٽر ڪچي شراب سان گرفتار ڪري مٿس مورو ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ايف آئي آر نمبر 331/2025 US 3/4 جو ڪيس داخل ڪري ورتو۔
0 تبصرے