خانداني ذميواريون پٽ انجنيئر گل حسن کي سونپيون ويون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي علائقي ڳوٺ ڍالو جو تڙ ۾ ڊاڪٽر محمد پانڌي (مرحوم) جي ياد ۾ هڪ پر وقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ تعليمي شخصيتن سميت ڳوٺاڻن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ مرحوم
جي خانداني ذميواريون سندس پٽ، انجنيئر گل حسن کي باوقار انداز ۾ سونپيون ويون، تقريب جي مهمانن ۾ خاص صوبائي وزير سيد سردار علي شاه، سرواڻ رضويه جماعت سيد حيدر علي شاه، ايم پي اي سيد امير علي شاھ، سيد سڪندر علي شاه، سيد امداد احمد شاه قاسماڻي، سيد سرتاج علي شاه، چيئرمين ضلع ڪونسل عمرڪوٽ حاجي بقا پلي، وائيس چيئرمين ضلع ڪونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، ٿر جا مشهور عالم مولوي حاجي عبد الرحمن سنگراسي، ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر مير چند اوڏ، پروفيسر عبدالرزاق ڀٽو، پرنسپل گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالرؤف سومرو، پروفيسر نواب علي راهو، پروفيسر جلال ڪوري، سي ايم او سيد ساجد علي شاه، ايس ايڇ او الھورايو، ڊاڪٽر محمد رمضان منگريو، ڊاڪٽر محمد سومار منگريو، غلام حيدر لاشاري (D.M Sui Gas)، گڏوگڏ سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن، ٿر ۽ ناري جي راڄن جي نمائندن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پروفيسر عبدالرزاق ڀٽو، جن تقريب کي آجيان ڏني، مرحوم ڊاڪٽر محمد پانڌي جي خدمتن تي روشني وجھندي چيو ته ڊاڪٽر صاحب نه رڳو هڪ ماھرِ طب هو، پر سياسي، سماجي، مذهبي ۽ انساني حقن جو به علمبردار هو، هن هزارين شاگردن کي پڙهايو، ڪيترن ئي نوجوانن کي يونيورسٽي پاس ڪرايو ۽ پنهنجن ذاتي وسيلن مان دوائون فراهم ڪري ٿر جي ڏورانهن علائقن تائين وڃي مريضن جي خدمت ڪئي، پروفيسر عبدالرزاق ڀٽو وڌيڪَ چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو گهر مريضن ۽ شاگردن جو مرڪز ھيو ۽ هو هڪ مسيحائي شخصيت طور سڃاتو ويندو، صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو تہ ڊاڪٽر پانڌي هڪ اڻ مٽجندڙ باب آهن جن پنهنجي زندگي مڪمل طور انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪئي، سيد سردار علي شاهه چيو ته ڊاڪٽر صاحب جون خدمتون نسل، مذهب ۽ جماعت کان مٿانهون رهيون ۽ سڄي سنڌ ان مان فائدي ۾ رهي آهي، وزيرِ تعليم ۽ معدنيات وڌيڪَ چيو ته هاڻي مرحوم جي ذميوارين جي نگراني ۽ عوامي خدمت جي تسلسل جي ذميواري، سندس پٽ انجنيئر گل حسن کي سونپجي ٿي، ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي تہ هو پنهنجي والد جي پڳ تي هلندي سڀني معاملن ۾ انصاف ۽ تعاون کي يقيني بڻائيندو، تقريب جي آخر ۾ ذڪر ۽ مولوي حاجي عبد الرحمن سنگراسي پاران دعا ڪرائي وئي، ۽ ان بعد سڀني شرڪت ڪندڙ مهمانن لاءِ ماني جو انتظام به ڪيو ويو.
0 تبصرے