English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ڪي يو جي ورڪرز جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو
112 views
|
24th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي، خاص طور تي ضلع ملير ۾ ڏوهن جو گراف خطري واري حد تائين وڌي ويو آهي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي ۾ صحافين تي لڳاتار ٿيندڙ حملن ۽ لوٽ مار جي واقعن خلاف عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ڪي يو جي ورڪرز جي سڏ تي عوامي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي سامي ميمڻ، عنائت شاهه، فاروق بنگوار، طارق سهتو، حفيظ سيال، آصف سدھو، حق نواز سومرو ۽ نادر وسير ڪئي. مظاهري ۾ صحافين سان گڏ سياسي ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري دوران شرڪائن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا پيا هئا جن تي "صحافين تي حملا نامنظور" ۽ "صحافين سان لوٽ مار نامنظور" جا نعرا لکيل هئا مقررّن ۾ امام الدين کوکر، نظير بهار وڌيو ، فدا پهنور، انور لاشاري ۽ شههنشاهه چارڻ خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي، خاص طور تي ضلع ملير ۾ ڏوهن جو گراف خطري واري حد تائين وڌي ويو آهي، عام شهرين سان گڏ هاڻي صحافي به محفوظ ناهن رهيا. انهن ٻڌايو ته ڪالا بورڊ جي ڀرسان خانگي ٽي وي اينڪر امتياز مير جي گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي اسپتال ۾ داخل آهي. ساڳي ڏينهن عوامي پريس ڪلب جي سينيئر صحافي طارق سهتو کي قائدآباد پل جي ويجهو گهرڀاتين سان گڏ روڪي نقدي، موبائل فون ۽ قيمتي سامان لوٽي ورتو ويو، جڏهن ته ڊفينس ۾ ڪي يو جي جي ميمبرن صحافي بشارت شاهه ۽ جاويد ابدالي به هٿياربندن هٿان لٽيا ويا.مقررّن جو چوڻ هو ته متاثر صحافين فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڏنو، پر تاحال ڪنهن به واقعي ۾ ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته صحافين تي ٿيندڙ حملا ۽ لوٽ مار ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري لوٽيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ صحافين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن ته جيئن هو آزاد ۽ محفوظ ماحول ۾ پنهنجو پيشو جاري رکي سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عوامي پريس ڪلب ملير
اڳواڻ
ڪي يو جي ورڪرز
0 تبصرے