English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ سٽي لڳ ڪانجي ڀيل ڳوٺ ۾ برسات متاثر بي يارو مددگار بڻيل، مينارٽي اتحاد ملير جا اڳواڻن سندن داد رسي لاءِ پهتا
20 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مينارٽي اتحاد ملير جي اڳواڻن سنتوش ڪمار ڀيل، راجيش مهيشوري ۽ ٻين پاران متاثرن سان ملاقات
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي ملير جي گڏاپ سٽي لڳ ڪانجي ڀيل ڳوٺ ۾ تيز برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڪري پيا هئا جنهن سبب ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ٿي ويا ڳوٺ جي مردن، عورتن ۽ ٻارن لاءِ پناهه جا مسئلا پيدا ٿي ويا آهن واقعي جي اطلاع ملندي ئي ملير مينارٽي اتحاد جي اڳواڻن سنتوش ڪمار ڀيل، راجيش مهيشوري، همير داس، گيان چند، رامچند ۽ موهن لال متاثر ڳوٺ جو دورو ڪيو ۽ برسات سبب ڊهي پٽ ٿيل گهرن جو معائنو ڪيو. هنن ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري سندن حال احوال پڇيو ۽ سندن مصيبت ۾ ساڻس بيهڻ جو يقين ڏياريو اقليتي اڳواڻن چيو ته برساتي پاڻي ۽ گهر ڊهڻ ڪري غريب ڳوٺاڻا سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪيترن ئي خاندانن وٽ رهڻ لاءِ ڪو جاءِ نه رهيو آهي، جڏهن ته عورتون ۽ ٻار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور متاثر ڳوٺاڻن لاءِ ايمرجنسي مدد فراهم ڪري، کين خيمه، کاڌ خوراڪ ۽ صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي ملير مينارٽي اتحاد جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي گهرن جي ٻيهر تعمير جو انتظام به ڪرڻ گهرجي، ڇو ته غريب ڀيل برادري جا ماڻهو پنهنجي وسيلن سان گهر ٻيهر ٺاهي نه ٿا سگهن. هنن زور ڀريو ته ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت فوري طور تي بحالي جو ڪم شروع ڪري ۽ متاثرن کي هر ممڪن رليف ڏنو وڃي.مقامي ماڻهن چيو آهي ته هر سال برسات سبب ڳوٺ جا ڪچا گهر متاثر ٿين ٿا، پر هن ڀيري وڏي تباهي آئي آهي، جنهن کان پوءِ هو مدد لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سماجي تنظيمن ڏانهن اپيل ڪري رهيا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
01st Dec 2025
•
سندھ
نوشہرو فیروز کی ہندو برادری نے بھارتی وزیر راج ناتھ کے بیان کو رد کردیا شاہی بازار سے پریس کلب تک ریلی
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
یکم دسمبر ایڈز کا عالمی دن
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
بدمعاشی کی صورت میں گورنر راج ممکن ہے - فیصل واوڈا کا سہیل آفریدی کو جواب
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز جي هندو برادري جو ڀارتي وزير راج ناٿ جي بيان خلاف احتجاج
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ ڀٽائي ڪالوني واسي عورت جو وارثن سميت مڙس خلاف احتجاج
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ منشيات فروشن ۽ ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو: اي ايس پي راءِ محمد آصف کرل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مينارٽي اتحاد ملير
ملير
گڏاپ سٽي لڳ ڪانجي ڀيل ڳوٺ
0 تبصرے