English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
131 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)ٺٽو پوليس جي ڪامياب ڪارروائي ڪجهه ڏينهن اڳ گهارو شهر ۾ ڀاءُ پاران پنهنجي ننڍي ڀاءُ انس ڪورائي کي ڪُهاڙي سان مارڻ ۾ ملوث جوابدار کي واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪُهاڙي سميت گرفتار ڪري، ڪيس داخل ڪيو ويو. تفصيل موجب، 17 سيپٽمبر 2025 جي رات گهارو جي نيازي ڪالوني پوليس اسٽيشن جي حد ۾ وڏي ڀاءُ عبدالمالڪ ڪورائي پنهنجي ننڍي ڀاءُ انس ڪورائي کان موبائل فون لاءِ پئسا گهريا. جنھن تان تڪرار ٿيو، جنهن تي وڏي ڀاءُ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ڪُهاڙي سان وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. جنھن کي پوليس جي نگراني ۾ علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر گهارو منتقل ڪيو ويو جتان کيس جناح اسپتال ڪراچي ريفر ڪيو ويو ھو جتي انس ڪورائي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر گھارو منتقل ڪيو ويو، ۽ مقتول جي وڏي ڀاءُ محمد ابراهيم ڪُورائي جي شڪايت تي گھارو پوليس اسٽيشن ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 302 تحت ڪيس نمبر 202/2025 داخل ڪيو ويو.ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ان واقعي جو سخت نوٽيس ورتو ۽ ايس ڊي پي او گھارو، ايس ايڇ او گھارو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن جي سربراهي ۾ هڪ ٽيم ٺاهي.جاچ دوران، ايس ڊي پي او ساڪرو ڊي ايس قادر بخش خاصخيلي، ايس ايڇ او گھارو انسپيڪٽر محمد علي ڌامراھ پنهنجي عملي سان گڏ اطلاع ملڻ تي نيو ڪيفي عمران ويجهو ڪاميابي سان آپريشن ڪيو ۽ قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار عبدالمالڪ ڪُورائي کي گرفتار ڪيو.شروعاتي جاچ دوران، گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، ۽ جوابدار جي سڃاڻپ تي قتل ڪيس ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي به هٿ ڪئي وئي آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي.ايس ايس پي ٺٽو قتل ڪيس کي جلد حل ڪرڻ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي پوري پوليس ٽيم کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو پوليس پاران
ه ڏينهن اڳ گهارو شهر ۾
0 تبصرے