English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گرينڊ ھيلٿ الائنس شڪارپور جي سڏ تي سنڌ ايمپلائيز الائنس جو اجلاس ٿيو, اڄ کان آفيسون، اسپتالون اسڪول بند رکيا ويندا: فيصلو
123 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اڄ کان 27 سيپٽمبر تائين شڪارپور سميت پوري سنڌ ۾ اسپتالون، اسڪول ۽ آفيسون بند رکيا ويندا: اڳواڻ
شڪارپور (احسان ابڙو)گرينڊ ھيلٿ الائنس شڪارپور جي سڏ تي سنڌ ايمپلائيز الائنس (SEA) جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن جي صدارت ۾ ڊي ايڇ او آفيس شڪارپور ۾ اھم اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ مرڪزي، صوبائي ۽ ضلعي سطح جا اڳواڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ صوبائي صدر پي ٽي الف سنڌ غلام رسول مھر، صوبائي صدر آپڪا سنڌ مقبول حسين مھر، صوبائي چيئرمين عبدالرحمان شر بلوچ، ضلعي چيئرمين سيد راشد حسين شاھ، ضلعي صدر پي ايم اي سيد اطهر علي شاھ، عبدالوهاب ڪاغذي، شمس الحق ابڙو، نوشاد علي ڀٽو، فھيم احمد سومرو، عبدالرحمان جتوئي، عبدالسميع جوڻيجو، مجاھد حسين لانگاھ، ميڊيم روبينه عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪري مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. اجلاس جا اهم فيصلا مرڪزي حڪم تي 23 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر 2025 تائين شڪارپور سميت پوري سنڌ ۾ اسپتالون، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، روينيو آفيسون ۽ سمورا سرڪاري ادارا مڪمل طور بند رکيا ويندا. 06 آڪٽوبر 2025 تي بلاول هائوس ڪراچي آڏو ميگا پروٽيسٽ ڪيو ويندو، جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو. احتجاجي تحريڪ مرحليوار جاري رهندي ۽ حقن جي منظوري تائين ختم نه ٿيندي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پينشن ۾ ڪٽوتي ملازمن جو معاشي قتل آھي، DRA، گروپ انشور، بينيوولنٽ ۽ فوتي ڪوٽا جي بحالي جهڙا جائز مطالبا نظرانداز ٿيڻ برداشت نه ڪبا.اجلاس ۾ صوبائي صدر پي ٽي الف غلام رسول مھر، صوبائي صدر آپڪا مقبول حسين مھر، سيد راشد حسين شاهه ۽ ٻين پنھنجي خطاب م چيو ته پوري سنڌ جا ملازم سراپا احتجاج آهن ۽ ملازمن ۾ شديد بيچيني ۽ مايوسي پکڙيل آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ھڻي ملازمن ۽ عوام جو معاشي قتل ڪري رھي آھي. اسانجي تحريڪ مرحليوار جاري رهندي جيستائين سنڌ ايمپلائيز الائنس (SEA) جا جائز مطالبا منظور نه ڪيا وڃن. پينشن ۽ بنيادي معاشي حقن لاءِ اسان آخري قطريءَ تائين جدوجهد ڪنداسين هيءَ جنگ تڏهن تائين جاري رهندي جيستائين حقن جي فتح حاصل نه ٿئي. 06 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي گهر آڏو ٿيندڙ ميگا احتجاج ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري اتحاد ۽ تنظيم جو ثبوت ڏين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
گرينڊ ھيلٿ الائنس
سنڌ ايمپلائيز الائنس
SEA
0 تبصرے