English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: مڪلي تي پ پ ڪلچرل ونگ ضلعي جي نون عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو
views
|
21st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
روزي خان دراني، شهزاد سومرو، حيدر ڀٽي ۽ ٻيا حاجي اسد خشڪ جي آجياڻي ۾ شريڪ
ٺٽو( شفيق ڀٽي) مڪلي جي خشڪ برادري جي معزز حاجي اسد خشڪ پاران پاڪستان پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ ضلعي ٺٽي جي نئين مقرر ٿيل عهديدارن ضلعي صدر روزي خان دراني، جنرل سيڪريٽري سردار شهزاد سومرو، اطلاعات سيڪريٽري حيدر علي ڀٽي ۽ ٻين جي مان ۾ پنهنجي رهائشگاهه خشڪ هائوس هاشم آباد سوسائٽي مڪلي ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ حاجي اسد خشڪ، مشتاق گرماڻي، قومپرست اڳواڻ ارشد خشڪ، آصف خشڪ، سيف علي خشڪ ۽ ٻين پاران پي پي پي ڪلچرل ونگ جي نئين مقرر ٿيل عهديدارن روزي خان دراني، سردار شهزاد سومرو، حيدر علي ڀٽي کي سنڌ جي سوکڙي لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي صدر روزي خان دراني حاجي اسد خشڪ سميت سڀني معززين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سميت پ پ پ ڪلچر ونگ جي مرڪزي قيادت جيڪو اسانتي اعتماد ڪري اهم ذميواري سونپي اھي، ان کي ايمانداري سان ادا ڪري ضلعي ۾ پيپلز ڪلچرل ونگ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪرڻ سان گڏ ثقافت سان لاڳاپيل ھر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، جنهن ۾ فنڪار، ليکڪ، دانشور ۽ شاعر شامل آهن. روزي خان دراني وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي، جيڪا رنگ ۽ نسل کان سواءِ انسانيت ۽ غريب ماڻهن جي خدمت کي پنهنجو بنيادي مقصد سمجهي ٿي. آخر ۾ خطاب ڪندي حاجي اسد خشڪ چيو تہ ھو روزي خان دراني سميت سندن سمورن عھديدارن جو شڪر گذار آھي، جن وٽس اچي کيس ھيڏو سارو مان ڏنو. ھن سندن ڪاميابي تي نيڪ خواھشن جو پڻ اظھار ڪيوـ ان موقعي تي جميل خشڪ، شبير خشڪ، نور حسن خشڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ي جي خشڪ برادري جي م
0 تبصرے