English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ انڊيجيئنس رائٽس الائنس جي مرڪزي ڪابينه ۽ ڪراچي چيپٽر جو گڏيل اجلاس
207 views
|
16th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس جي صدارت مرڪزي نائب صدر خالق جوڻيجو ڪئي، الائنس جي باني اڳوڻي صدر لالا عثمان بلوچ جي به شرڪت
ملير (رپورٽ : عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ انڊيجيئنس رائٽس الائنس (SIRA) جي مرڪزي ڪابينه ۽ ڪراچي چيپٽر جو گڏيل اجلاس مرڪزي نائب صدر خالق جوڻيجو جي صدارت هيٺ ملير ۾ ٿيو جنهن ۾ الائنس جي باني اڳوڻي صدر لالا عثمان بلوچ خاص شرڪت ڪئي اجلاس ۾ تنظيمي ڍانچي جي مشڪلاتن ۽ انهن جي حل تي تفصيلي غور ڪيو ويو۔ متفقه فيصلو ڪيو ويو ته الائنس کي وڌيڪ منظم ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ ميمبرشپ ۽ يونٽ سازي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي گڏجاڻي ۾ ڪراچي ۾ حالين برساتن سبب پيدا ٿيل سيلابي صورتحال ۽ ملير ندي جي پيٽ ۾ اڏوت هيٺ ڀٽو ايڪسپريس وي کي پهتل نقصان تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي اڳواڻن چيو ته منصوبي تي وڌندڙ عوامي تنقيد اصل ۾ الائنس جي بيانيي ۽ ان جي سياسي ۽ قانوني جدوجهد جي ڪاميابي آهي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ان حوالي سان الائنس ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي، جتي انڊيجيئنس رائٽس ليگل ڪميٽي جي موقف ۽ محنت کي اجاگر ڪيو ويندو۔ ساڳئي وقت ماضي جا ڪلپس ۽ بيان سوشل ميڊيا تي ٻيهر جاري ڪيا ويندا ته جيئن واضح ٿئي ته ڀٽو ايڪسپريس وي بابت جيڪي اعتراض اڄ سامهون اچي رهيا آهن، اهي ئي نقطا الائنس ۽ ليگل ڪميٽي شروع کان ئي اٿاريندا رهيا آهن۔ان کان علاوه، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته الائنس کي سياسي طور متحرڪ ڪرڻ لاءِ رابطا مهم هلائي ويندي ۽ مختلف انڊيجيئنس وسندين جا دورا ڪيا ويندا۔ عوامي موبلائيزيشن کي تيز ڪرڻ ۽ قانوني جدوجهد کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر جي سربراهي ۾ سنڌ جي مختلف بار ايسوسيئيشنن سان به رابطا ڪيا ويندا۔اجلاس ۾ خالق جونيجو، لالا عثمان بلوچ، حفيظ بلوچ، ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ ناصر جمال، ايڊووڪيٽ امداد چاچڙ ۽ ايڊووڪيٽ معین مگسي شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
خالق جوڻيجو
اڳوڻي صدر لالا عثمان بلوچ
سنڌ انڊيجيئنس رائٽس الائنس
SIRA
0 تبصرے