گڏاپ پوليس طرفان 3 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

گرفتار ٿيل ڦورن ۾ محمد امني، سجاد ۽ سليمان شامل

گڏاپ پوليس طرفان 3 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ سٽي ٿاڻي جي پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي حب ڊيم روڊ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ڦرون ڪندڙ انتهائي گهربل ڏوهاري ٽولي جا ٽي اهم ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي پوليس ترجمان موجب ڪارروائي گڏاپ روڊ ويجهو بنديجا اسٽاپ تي عمل ۾ آندي وئي، جتان ٽي جوابدار گرفتار ڪيا ويا جن م محمد امين ولد گل محمد، سجاد ولد ڀرام خان ۽ سليمان ولد عمر شامل آهن پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي حب ڊيم ۽ نهر وٽ ايندڙ شهرين کان ڦرون ڪندا رهيا آهن.گرفتار ٿيل جوابدارن مٿان هيٺيان ڪيس داخل آهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي قانوني طريقي سان گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي.