شڪارپور ( احسان ابڙو ) مگسي چوڪ سٽي شڪارپور جو آغاز ٿي ويو , جنھن سلسلي ۾ افتحاحي تقريب ڪوٺائي وئي ، شڪارپور جي سرواڻ ايس ٽي پي شڪارپور جي اڳوڻي ضلعي صدر مير حسيب خان مگسي پاران پنھنجي مگسي محلا سميت آس پاس جي رھواسين لاء سھولت فراھم ڪرڻ لاء زم زم ڪار پارڪنگ لڳ ٺھرايل دڪانن جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿي ويو، جتي اڄ سردار سنجراڻي، ڪامريڊ احسان جيھو ۽ يشاء الله کوسو پاران وفد جي صورت ۾ مگسي محلا ۾ مگسي چوڪ جي افتتاحي تقريب ۾ پھچي مير حسيب خان مگسي کي مگسي چوڪ جو آغاز ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني وئي ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ ربين ڪٽي افتتاح ڪري ڇڏيو ،مگسي چوڪ تي تيار ٿيل دڪانن تي ڪاروباري نوجوانن پاران رھواسين جي سھولت لاء مختلف سامانن سان دڪانن کي کولڻ جو پڻ آغاز ڪري ڇڏيو تقريب ۾ مگسي محلي سميت آس پاس جي ماڻھن پاران ڀرپور شرڪت ڪئي وئي ۽ مير حسيب خان مگسي جي اھڙي قدم کي ساراهيو ويو
0 تبصرے