English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ نينگري ٽن جوابدارن جي مبينا اجتماعي جنسي ڏاڍائي سبب ڳورهاري ٿي وئي
127 views
|
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نينگري 4مهينا پيٽ سان ٿيڻ بعد سندس وارث ٿاڻي تي پهچي ويا، ڪيس داخل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ميمڻ ڳوٺ ۾ پورهيت جي 15ورهين جي نينگري سان ٽن جوابدارن جي مبينا ڏاڍائي، نينگري پيٽ سان ٿي ويئي، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل، ڪو جوابدار گرفتار نه ٿيو، بااثرن جوابدار لڪائي ڇڏيا، وڏيرا متاثر خاندان وٽ معافي لاءِ پهچي ويا، 3 سال اڳ ميمڻ ڳوٺ ۾ حديقه ميمڻ کي پڻ اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو، تفصيل موجب ملير جي ميمڻ ڳوٺ واري شفيع محمد پاڙي ۾ پورهيت عبدالواحد جي 15 ورهين جي نينگري شازيه کي ٽن جوابدارن بابو ميمڻ، الھڏنو،ميمن ۽ رمضان عرف رمون ميمڻ طرفان مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو اهڙو ڦاٽ تڏهن ڦاٽو جڏهن نينگري 4 مهينن جي پيٽ سان ٿي ويئي ڌيءَ طرفان سموريون حقيقتون بيان ڪرڻ بعد پيءُ عبدالواحد ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهچي ڪيس داخل ڪرائيندي چيو ته آئون هوٽل تي پورهيو ۽ گهر واري ٻين جي گهرن ۾ ٿانو ٻهارو ڪري گذر سفر ڪندا آهيون پويان منهنجي 15 ورهين جي وڏي نياڻي شازيه پنهنجي ڀائرن سان گڏ گهر ۾ هوندي آهي جنهن کي 4 مهينا اڳ بابو پٽ نبي ميمڻ فون ڪري نياڻي کي گهر گهرايو جتي سندس ساٿي الھ ڏنو پٽ جمعه ميمڻ ،رمضان عرف رمون پٽ خليل ميمڻ موجود هئا جن نياڻي کي ڌمڪيو ڏئي خوف زدہ ڪري ڪمري ۾ وٺي اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪي ڏني ته ڪنهن سان به ڳالھ ڪئي ته توکي قتل ڪري ڇڏينداسين تنهن کان پوءِ مختلف وقتن تي ڄاڻايل جوابدار نياڻي کي بليڪ ميل ڪري گهر گهرائي زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا آهن 2 ڏينهن اڳ پيٽ سان ٿيڻ بعد ماءُ طرفان حقيت معلوم ڪرڻ تي نياڻي سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو جنهن بعد اسپتال مان طبي چڪاس بعد رپورٽ ۾ ڄاڻ پئي ته ڌي نياڻي چئن ميهن جي پيٽ سان آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ نينگري
ڳورهاري ٿي
اجتماعي جنسي ڏاڍائي
0 تبصرے