English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي سماجي اڳواڻ شفيع محمد ڄاموٽ جي ڇهين ورسي ملهائي وئي، ڀيٽا پيش
views
|
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
حاجي شفيع ڄاموٽ هڪ اهڙو دلير اڳواڻ هو جيڪو مظلومن جي حق لاءِ هميشه صفِ اول ۾ بيٺو رهيو:اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي سامونڊي پٽي سميت ڪراچي ٻهراڙين جي وجود ۽ بنيادي حقن لاءِ جڙيندڙ ڪردار، سياسي سماجي اڳواڻ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ جي عوامي پريس ڪلب ملير طرفان رزاق آباد ڇهين ورسي تقريب منعقد، سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين، علائقي معززن ۽ ساڃاهه وندن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، زبردست ڀيٽا پيش، حاجي شفيع ڄاموٽ هڪ اهڙو دلير اڳواڻ هو جيڪو مظلومن جي حق لاءِ هميشه صفِ اول ۾ بيٺو رهيو اڳواڻ تفصيل موجب ملير جي سامونڊي پٽي جي ناليواري سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي اڳوڻي چيئرمين حاجي شفيع محمد ڄاموٽ جي ڇهين ورسي عوامي پريس ڪلب ملير پاران ضلعي هيڊڪوارٽر رزاق آباد ۾ ملهائي ويئي تقريب ۾ ملير جي مختلف علائقن مان سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين، علائقي معززن ۽ ساڃاهه وندن پ پ ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، سهيل ڄاموٽ ، پ پ اڳواڻ عباس ٽالپر، ايڊيجنئس الائنس جي صدر اڳواڻ قومي عوامي تحريڪ جي فرحان لاڙڪ، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ، فاطمه مجيد ، ڪراچي فشر فوڪ فورم جو صدر مجيد موٽاڻي، اختر عارفاڻي ، يوسف شاھ،ايڊوڪيٽ شبير سمون، سنڌ فرنٽ جي اڳواڻ لطيف رالواڻي، ادبي سنگت گلشن حديد سيڪريٽري اصغر باغي، شبير لاکو، طالب ڪڇي ، جئي سنڌ محاذ جو علي مستوئي ، اقبال ڪلمتي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي راجا رزاق بلوچ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته حاجي شفيع بلوچ بيباڪ سان گڏجي ڪم ڪيو آهي هو عوام دوست ۽ سماج جي ڀلائي لاءِ هميشه سرگرم رهندڙ اڳواڻ هو جنهن پنهنجي زندگي عوامي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي ملير ۽ ملير جا ڳوٺ اسان جا آهن ان جي چپي چپي جي مالڪ ڪنداسين، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ انڊيجينيس رائيٽس لائنس جي مرڪزي صدر خدا ڏنو شاهه چيو ته حاجي شفيع ڄاموٽ جي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي هن نه رڳو سامونڊي پٽي پر ملير سميت ڪراچي ٻهراڙين جي وجود بنيادي حقن سهولتن ۽ بقا لاءِ سدائين آواز اٿاريو هو هڪ اهڙو دلير اڳواڻ هو جيڪو مظلومن جي حق لاءِ هميشه صفِ اول ۾ بيٺو رهيو هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن صرف هڪ شخص جي ورسي ناهي پر ان نظريي ۽ فڪر جي يادگيري آهي جنهن تحت حاجي شفيع ڄاموٽ ڪم ڪيو نوجوان نسل کي گهرجي ته هو سندس سوچ کي اڳتي وڌائين ان موقعي تي ايڊووڪيٽ اشرف سمون پنهنجي خطاب ۾ حاجي شفيع ڄاموٽ جي سياسي، سماجي ۽ تنظيمي ڪردار تي روشني وجهندي چيو ته هو هڪ سادو، بردبار ۽ باهمت انسان هو جنهن هر وقت گڏيل سوچ ۽ عوامي خدمت کي ترجيح ڏني هن چيو ته ملير سميت ڪراچي جا ڳوٺ خطري هيٺ آهن ڳوٺن کي شهري آبادي ۾ شمار ڪرڻ جا سانباه ڪري ڳوٺ ٺاهڻ جون تياريون ڪيو پيون وڃن پ پ ۾ نمائنده ته کوڙ آهن پر نمائندگي بلڪل ناهي پ پ چاهي ته بل منظور ڪرائي ڳوٺن کي تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿي ورسي تقريب جي آخر ۾ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گھري ويئي ۽ سندس خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو ته حاجي شفيع ڄاموٽ جي نالي کي امر رکڻ لاءِ سندس مشن کي جاري رکيو ويندو جڏهن ته تقريب ۾ سنڌ جي نامياري شاعر سيد غفور شاھ شاعري، زاهد شيخ، عبدالخالق ڀٽي، هري رام سنڌي قومي گيت ٻڌايا ان موقعي تي فرحان لاڙڪ، الاهي بخش بڪڪ، عباس ٽالپر، يوسف شاھ، فاطمه مجيد، اصغر باغي، اسماعيل چارڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جون ويران اوطاقون ۽ موبائيل فون جي مصروف دنيا..؟
08th Jul 2025
•
شوبز
کراچی: معروف اداکارہ اور ماڈل حمیرہ اصغر کی کئی دن پرانی لاش فلیٹ سے برآمد
08th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بابا کی روح مسکرا رہی ہو گی..!!
08th Jul 2025
•
پاکستان
پاکستان ورکرز ویلفیئر فنڈ، وزارت آئی ٹی اور این آئی ٹی بی کے درمیان آن لائن سرکاری خدمات کی فراہمی کے لیے معاہدہ
08th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جون ويران اوطاقون ۽ موبائيل فون جي مصروف دنيا..؟
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي 75 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي بچت واري بجيٽ منظور
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پ پ اڳواڻ امتياز شيخ جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ۾ گڏجاڻي
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو سان ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير جي سماجي اڳواڻ
شفيع محمد ڄاموٽ
0 تبصرے