English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ لالي جا ڀاڻ واسين جو يوسي يئرمين خلاف احتجاج
39 views
|
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
يوسي چيئرمين اسان جي ڳوٺ کي ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي: ڳوٺاڻا
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ لالي جا ڀاڻ جي رهواسين برڪت علي ابڙو، طارق علي ابڙو، ايڊووڪيٽ ڪاشف ابڙو ۽ ٻين ڳوٺاڻن پاران يونين ڪائونسل محرابپور جي چيئرمين خلاف احتجاج،هٿ وٺي اسان جي ڳوٺ کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو پيو وڃي، احتجاج ڪندڙ. تفصيل موجب گذريل ڏينهن ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ لالي جا ڀاڻ جي رهواسين يوسي محراب پور جي چيئرمين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو ڳوٺ تمام قديمي ڳوٺ آهي جتي يوسي چيئرمين هٿ وٺي ڳوٺ کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو آهي، ڳوٺاڻن برڪت علي ابڙو، ايڊووڪيٽ ڪاشف حسین ابڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يونين ڪائونسل محراب پور جو چيئرمين اسان جي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ کي ترقياتي ڪمن توڙي سولر پليٽون، لائيٽون ۽ نلڪا سلائي مشين ڏيڻ ۾ مسلسل نظرانداز ڪري رھيو آھي، جڏھن ته چيئرمين يونين ڪائونسل جي ٻين مختلف ڳوٺن ۾ من پسند ماڻهن کي سولر پليٽون، لائيٽون ، نلڪا ۽ ٻيون سھولتون پنھنجي من پسند ماڻھن کي ڏيئي رھيو آھي، ڳوٺاڻن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته يونين ڪائونسل محرابپور جي چيئرمين جي متڀيد روين جو فوري طور تي نوٽيس وٺي يونين ڪاؤنسل محراب پور جي سمورن ڳوٺن کي بنا ڪنھن سياسي سماجي فرق جي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
يوسي چيئرمين
0 تبصرے