English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايران ـ اسرائيل جنگ کان پوء واري صورتحال..!
views
|
02nd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مُحمد يُوسف ڀُٽو
ان ۾ ڪو شڪ نہ ھو تہ آمريڪا ايران کي 2 مھينا ڳالھين ۾ الجھائي اسرائيل سان گڏجي ايراني ائٽمي تنصيبات تي حملي جي پلاننگ ڪري رھيو ھو ۽ ھلندڙ ڳالھين دؤران ان جي بَڇَ تي اسرائيل ايران تي حملا ڪري ڏنا. بعد ۾ آمريڪا بہ جنگ ۾ شامل ٿيو پر انھن ٻنھين لاء مشڪل تڏھن پيدا ٿي جڏھن ايران جي افزودہ ڪيل يورينيم کي تباھ ڪرڻ ۾ ھو ناڪام ويا ۽ Regime Change يا حڪومت جي تبديلي ۾ بہ ساڳئي ريت ناڪام ٿيا. ايراني عوام پنھنجي حڪومت جي سپورٽ ۾ رستن تي نڪتو. اولھ چوي ٿو ايران ائٽمي ھٿيار ٺاھي ٿو. روس ٿو چوي تہ ايراني ائٽمي پروگرام Peaceful يعني پرامن آھي. ڪوڙ تہ ڏسو نيتن ياھو وارا 80ع جي ڏھاڪي کان پيا چون ايران ائٽمي ھٿيار ٺاھڻ کان صرف 6 مھينا پري آھي جنھن تي ھڪ آمريڪي ٽي وي چينل جي ميزبانن نيتن ياھو تان مسلسل ڪوڙ ڳالھائڻ ڪري ٺٺولي بہ ڪئي. روس اھو بہ چيو آھي تہ مغربي ملڪن آئي اي اِي اي تي دٻاء وجھي متنازعہ يا تڪراري رپورٽ تيار ڪرائي. اطلاعات آھن تہ آمريڪي نيشنل انٽيلجنس سربراھ کانپوء آئي اي اِي اي جي سربراھ رافيل گروسي بہ ايران پاران ائٽمي ھٿيار ٺاھڻ جي ترديد ڪري ڇڏي. آئي اي اِي اي جي سربراھ رافيل گروسي چيو تہ ”ايران ائٽمي ھٿيار ٺاھڻ جي ڪوشش نہ ڪري رھيو ھو. 60 سيڪڙو يورينيم افزودہ ڪرڻ تي شبھات ھئا پر اسان ڪڏھن نہ چيو تہ ايران ائٽمي ھٿيار ٺاھي رھيو آھي“ مطلب آمريڪا ۽ اسرائيل جا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل ثابت ٿيا. اھي بہ اطلاعات آھن تہ آمريڪي حملي ۾ ايران جو نيوڪليئر پروگرام مڪمل تباھ نہ ٿي سگھيو سواء ٻاھرين ڍانچي جي. آمريڪا جو ايران تي اربين ڊالر لاڳت جو حملو ناڪام ٿي ويو ان حوالي سان پينٽاگون جي ھڪ ڳجھي آمريڪي اداري جي خفيہ رپورٽ ليڪ بہ ٿي وئي تہ ”اسرائيل ۽ آمريڪا ملي ڪري بہ ايران جو نيوڪليئر پروگرام تباھ نہ ڪري سگھيا آھن سينٽري فيوجز محفوظ رھيون ۽ نقصان صرف زميني تنصيبات تائين محدود رھيو. حملن جي نتيجي ۾ اسان ايران کي ايٽم بم ٺاھڻ کان صرف چند مھينا دور ڪيو آھي“ ان رپورٽ اولھ جي ملڪن کي تہ ڇرڪائي وڌو ئي پر صدر ٽرمپ کي بہ بار بار وضاحتون ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو. ٽرمپ ان اپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آھي. اسرائيلي صيھوني تہ الڳ پريشان آھن. ھڪ اسرائيلي اھلڪار ھڪ اسرائيلي ٽي وي تي اھا ڳالھ ڪئي تہ ”ايراني تنصيبات تي ٻاھران ڪيترا بم ڇڏيون نٿا تباھ ڪري سگھون صرف زميني فوجون موڪلي ان کي اندران کان ئي تباھ ڪري سگھجي ٿو. ايران وٽ Untouched ايٽمي تنصيبات آھن ڪنھن بہ مھل ائٽم بم ٺاھي تجربو ڪري سگھي ٿو. ٽرمپ اسان کي بيوقوف بڻايو آھي“ ھوڏانھن سپريم ليڊر سيد علي خامنہ اي جي سينيئر مشير علي شيمخاني آمريڪا ۽ اسرائيل کي وارننگ ڏيندي چيو آھي تہ ”جيتوڻيڪ آمريڪي حملا شديد نوعيت جا ھئا پر افزودہ يورينيم اسان وٽ محفوظ آھي. مقامي سطح تي حاصل شدہ ٽيڪنالاجي، مھارت ۽ انساني وسيلا بدستور موجود آھن. مزاحمتي قوت اڃان باقي آھي. کيل ختم ناھي ٿيو. ايندڙ اقدام ان جي ھٿ ۾ آھن جيڪو ھوشياري سان کيڏندو آھي. سرپرائيز جو سلسلو رڪيو ناھي پر اھو سلسلو جاري رھندو“ ڏسجي تہ گذريل 4 کان 5 سالن دؤران ايران عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي يعني IAEA سان سٺي گيم کيڏيو آھي. ايران سمجھي چڪو ھو تہ ھي عالمي ادارو آمريڪا ۽ اسرائيل جي مفادن لاء ڪم ڪري پيو. سو ايران آئي اي اِي اي کي ہيوقوف بڻائي ويو. خبرون اھي آھن تہ ايران ان عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي کي ٻڌايو تہ ان جا ائٽمي اثاثا 70 ميٽر گھرائي ۾ آھن. اتان اھا ڳالھ آمريڪا ۽ اسرائيل تائين پھتي آمريڪا بنڪر بسٽر بم سان فردو نيوڪليئر فيسلٽي تي حملو ڪيو جيڪو 80 ميٽرن تائين زير زمين تباھي آڻي سگھي ٿو. تڏھن تہ ان ئي ڳالھ جي بنياد تي ڪامياب حملي جي دعويٰ ٽرمپ ڪئي ھئي پر خبر پئي تہ ايراني ائٽمي اثاثا 70 نہ پر 700 ميٽر يا لڳ ڀڳ ھڪ ڪلوميٽر زير زمين گھرائي ۾ لڪل ھئا ۽ محفوظ بہ رھيا يعني ايران آئي اي اِي اي، آمريڪا، اسرائيل ۽ نيٽو کي بيوقوف بڻائي ڇڏيو. بھرحال اھا ڳالھ تہ ثابت ٿي چڪي آھي آئي اي اِي اي جو ادارو اولھ جي ملڪن لاء ڪم ڪندو رھيو آھي. جنھن ڪري اھو تڪراري بڻجي ويو آھي. ايران جنگ بعد تازو قدم اھو کنيو آھي تہ آئي اي اِي اي سان ڪنھن بہ قسم جو تعاون مڪمل ختم ڪندي آئي اي اِي اي جي تڪراري ڊائريڪٽر رفائل گروسي کي چيو آھي تہ ”تون ڪنھن بہ صورت ايران ۾ قدم نٿو رکي سگھين توتي ايران جا دروازا بند ٿي چڪا“ ايران ۾ ائٽمي فيسلٽيز تي لڳل آئي اي اِي اي جون ڪيميرائون Disable ڪيون ويون آھن. ايران چوي پيو ”ھاڻي اسين توھان سان ڪنھن قسم جو تعاون نہ ڪنداسين“ ايران سمجھي چڪو آھي تہ آئي اي اِي اي سندن ائٽمي فيسلٽيز ۽ سائنسدانن جي سڄي ڊيٽا اسرائيل تائين پھچائي پي. ان ائٽمي توانائي ايجنسي جي سربراھ رفائل گروسي اسرائيل لاء ڪم ڪيو پي. جنھن ۾ ڪو شڪ بہ ڪونھي. حالت ڏسو ان ساڳئي عالمي ائٽمي ايجنسي ڪڏھن بہ اسرائيل وڃي اتي جي ڪا ڊيٽا گڏ نہ ڪئي آھي تہ اسرائيل سندس ائٽمي فيسلٽيز ۾ ڇا ڪري پيو؟ اسرائيل ڪيترا ائٽمي وارھيڊز ٺاھيا آھن. آمريڪا ـ اسرائيل جيڪو Misadventure ڪيو تنھن جو فائدو ايران کي پھتو. پھرين تہ آئي اي اِي اي جي ذريعي آمريڪا، اسرائيل ۽ يورپ، ايران جي ائٽمي تنصيبات ۽ يورينيم جي افزودگي تي جيڪا نظر رکي سگھيا ٿي ھاڻي اھا نظر نہ رکي سگھندا. آمريڪا ۽ اسرائيل لاء وڏي پريشاني اھا پيدا ٿي وئي آھي تہ ڪئميرائن جي بندش بعد ايران جي ائٽمي پروگرام تي نظر رکڻ کان محروم ٿي ويا انھن کي ھاڻي خبر ئي نہ ھوندي تہ ايراني نيوڪليئر پروگرام ڪھڙي رُخ ۾ وڃي پيو؟ ھاڻي ايراني ائٽمي فيسلٽيز ۾ اندر ڇا ٿئي پيو ڇا نہ ۽ يورينيم جي افزودگي ڪيتري ڪئي پئي وڃي؟ اھو ذھن ۾ رکجي تہ اسرائيل جي صيھوني حڪومت توڙي آمريڪا ھاڻي ايراني ائٽمي پروگرام جي حوالي سان مڪمل انڌيري ۾ اچي ويا آھن. ٻيو اھو تہ ٽرمپ ۽ نيتن ياھو انتظاميہ اگر اقرار بہ ڪري ٿي تہ ايران جا زير زمين ائٽمي ٺڪاڻا ۽ افزودہ يورينيم اڄ بہ محفوظ آھي اھي سندن حملن ۾ تباھ نہ ٿيا آھن تہ سندن ڪاميابي جي دعوائن جي پَتَ وائکي ٿئي ٿي ۽ کانئن سندن ملڪ ۾ سخت پڇاڻو ڪيو ويندو تہ توھان حملن جي ڪاميابي بابت ڪوڙي دعويٰ ڇو ڪئي؟ خاص ڪري اسرائيل ۾ نيتن ياھو خلاف طوفان برپا ٿيندو تہ ايران تي حملو ڪري ناڪام بہ ٿي وئين ۽ موٽ ۾ ايراني حملن ۾ اسرائيلي شھر، پاور اسٽيشنون، فوجي اڏا ۽ تنصيبات جي تاريخي تباھي بہ ڪرائي ويٺين. ڪو شڪ ڪونھي تہ ايران ھيستائين جي گيم شاندار نموني کيڏي چڪو آھي، ھو پنھنجو افزودہ يورينيم بہ بچائي ويو تہ Regime Change بہ ڪرڻ نہ ڏني پر ان باوجود خطرا وري بہ ايران جي مٿان موجود رھندا. دنيا سمجھي ٿي اگر ايران جو پُرامن جوھري پروگرام خطري وارو آھي تہ اسرائيل وارو صيھوني نيوڪليئر پروگرام ان کان تہ ڪئين دفعا وڌيڪ خطرناڪ آھي جو اسرائيلي ائٽم بم ٺاھيو بہ ويٺا آھن جن جي انگ اکرن جي درست ڄاڻ ڪنھن وٽ بہ ناھي. اھم سوال اھو بہ آھي اسرائيل تي اولھ جا ملڪ ڇو خاموش آھن؟ اسرائيل جي ائٽمي پروگرام جي جانچ پرتال بہ مڪمل ميرٽ تي شفاف نموني ٿيڻ کپي ۽ ان جا اصل انگ اکر بہ ڪٺا ڪري درست حقيقتون دنيا آڏو آنديون وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
راجا رنجيت سنگهہ ۽ طوائف موران جي ڪهاڻي
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مطالبن ۽ مالي وسيلن وچ ۾ توازن جي ڳولا
03rd Jul 2025
•
سندھ
وفاقی محتسب نے ای او بی آ ئی سے نان رجسٹرڈ کمپنیوں کی تفصیلا ت ما نگ لیں
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سماجي ۽ سياسي شخصيت شفيع محمد ڄاموٽ جي ڇهين ورسي 7 جولاءِ تي ملهائي ويندي
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو ڏاهو ناميارو سگهڙ منظور سومرو دل جي تڪليف سبب بستري ڀيڙو
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ ڪچرو کڻندڙ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙو فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ايران ـ اسرائيل جنگ
مُحمد يُوسف ڀُٽو
0 تبصرے