English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي گذريل 3مھينن کان بجلي جي اک ٻوٽ خلاف رهواسي موٽروي تي نڪري آيا
40 views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير(رپورٽر)ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل 3مھنن کان بجلي جي اک ٻوٽ خلاف رهواسي احتجاج ڪندا ايم 9موٽر وي تي نڪري آيا, رهواسين طرفان احتجاجي ڌرڻو موٽر وي جا ٻئي پاسا بند, گاڏين جون قطارون لڳي ويون ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا, اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ايس ايس پي ملير پهچي ويا بجلي جي فوري بحالي جي خاطري تي ٻن ڪلاڪن کان جاري احتجاج ختم، جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر آفيسرن جي واعدي تي عمل نه ٿيو ته ٻيھر اڻڃاتل مڌي تائين ڌرڻو هنيو ويندو اڳواڻ تفصيل موجب ملير جي علائقي ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل 3مھنن کان بجلي جي اک ٻوٽ خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي ڪيترائي رهواسي احتجاج ڪندا ايم 9موٽر وي تي نڪري آيا جتي احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويهي رهيا جنهن جي اڳواڻي سماجي ڳواڻ احمد کوسو، غفار ڪاڇيلو، غلام قادر واڍيلو،جانشير جوکيو ڪري رهيا هئا ڌرڻي سبب موٽر وي جا ٻئي پاسا بند ٿي ويا ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاھرين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو ۽ ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي پهچي ويا جن مظاھرو ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري جلد بجلي بحال ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ٻن ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻ صحافين سان ڳالھائندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آھي ٻهراڙي وارن علائقن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر آفيسرن جي واعدي تي عمل نه ٿيو ته ٻيھر اڻڃاتل مڌي تائين ڌرڻو هنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران سان تجارت تي آمريڪي وار، ٽرمپ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو..!!
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لکي غلام شاهه ۾ ناري فائونڊيشن پاران معذورن ۾ ويل چيئر ورھائڻ واري تقريب منعقد
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاڪستان، انڊونيشيا: دفاعي تعلقات جو نئون دور
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران ۾ آمريڪا جي مداخلت کليل سازش آهي ..!!
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران سان تجارت تي آمريڪي وار، ٽرمپ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو..!!
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو ڦل لنڪ روڊ تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ڀينس ڪالوني جي گول گرائونڊ ڀرسان فائرنگ ۾ ٻارڙن سميت 6 ڄڻا زخمي
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڳاڙهو پوليس پاران واپاري جي دڪان مان چوري ٿيل رقم رڪور ڪرائڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
0 تبصرے