English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي علائقي شيرپائو واسين جو پوليس ۽ بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج
18 views
|
26th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽر) بهادرآباد ڪراچي جي علائقي شيرپائو جي رهواسين پوليس جي ظلمن ۽ بااثر ماڻهن جي غنڊا گردي خلاف عوامي پريس ڪلب ملير پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن اپيل ڪئي ته بهادرآباد پوليس جي سرپرستي هيٺ علائقي جي بدنام ڏوهاري کان اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.احتجاج جي اڳواڻي سيد محمد يوسف شاهه، رمضان شاهه، بلال شاهه، حڪيم شاهه ۽ ٻيا ڪري رهيا هڻا سندن چوڻ هو ته اسان پوليس اهلڪارن ۽ بااثر ماڻهن عرفان نيازي، شاڪر رند، ڊيوٽي آفيسر ثاقب ۽ بيٽر ملنگي عرف عالمگير جي گٺ جوڙ خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي جنهن کان پوءِ انهن جي زيادتين ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ پوليس اهلڪارن انتقامي ڪارروائين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي انهن ٻڌايو ته ايس پي گلشن جي آفيس مان ملاقات لاءِ فون آيو هو جنهن بعد اسان سندس آفيس پهتاسين ته اُتي ساڳيا پوليس اهلڪار ۽ غنڊا موجود هئا، جن ملاقات ڪرائڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏئي آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.محمد يوسف شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار طرفان روزانو صبح جو هٿياربند ٿي اسان جي گهرن ٻاهران فائرنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب اسان جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.متاثرن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ايسٽ ۽ ايس ايڇ او بهادرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، سيد غفور شاھ تقوي، راشد لکمير، مجيب سنڌي ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايم ايس ايف ضلعي عمرڪوٽ آرگنائيزر باڊي جي گڏجاڻي، حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ورڪر ڪنوينشن ۾ ڀرپور نموني شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
افغانستان کان پکڙيل دهشتگردي ۽ سرحد پار سازشون.؟؟
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ورلڊ ايڊز ڊي — آگاهي، تحفظ ۽ اميد جو عالمي ڏينهن
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد: قاسم آباد ۾ ناري جو گهر مان لاش ملڻ واري واقعي جو ڪيس داخل
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ڀرسان حادثي ۾ عورت معصوم ڌيءَ سميت چيڀاٽجي فوت، وارثن ۾ ڪهرام متل
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عورت مڙس سميت پريس ڪلب پهتي، ڀاءُ کان لاتعلقي جو اظهار
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ ڇٽل راڄپر واسي پيرسن جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
0 تبصرے