English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ڀريا روڊ واسي پيرسن جو زال ۽ سندس ڀائرن خلاف احتجاجي مظاهرو
37 views
|
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ ر)نوشهروفيروز پريس ڪلب ۾ ڀريا روڊ جي وارڊ 4 رهواسي پيرسن حفيظ الله آرائين پنهنجي زال ۽ سالن جي ظلمن کان تنگ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته منهنجي زال وسيم اختر جنهن مان مونکي 4 نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي جن بهتر نموني خوشحال زندگي گذاري رهيا هئا سين ته اولاد جي رشتن تان زال جا مونسان اختلاف ٿي ويا هن چيو ته مون جتي اولاد جي شادي ڪرائڻ پئي چاهي ته اتي زال نه پئي ڪرڻ ڏني ۽ جتي زال پئي ڪئي ته مان راضي نه هئس جنهن معامري تان زال پنهنجي ڀائرن محمد احد ، محمد عابد ۽ چئن نامعلوم هٿياربندن سان گڏجي مونکي نشي واريون انجيڪشن لڳائي سنجهوري موالين جي علاج واري اسپتال داخل ڪرايو جيڪا وڏي زيادتي ڪئي وئي هن وڌيڪ چيو ته پورا 70 ڏينهن اتي داخل هيس 20 جون تي واپس گهر پهتس ته گهرواري کان هڪ لک 67 هزار روڪ ، گھر جا ڪاغذ ۽ چانديءَ جو منڊيون پڇيم ته هن رڙيون ڪيون جنهن بعد مان ايس ايس پي نوشھروفيروز کي سڄي معامري بابت درخواست ڏني جنهن ڀريا روڊ ٿاڻي تي موڪليو پر پوليس اڃان تائين انصاف ناهي ٿي سگهيو جنهن بعد سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ته جيئن گهر واري پاڻ ۾ سڌارو آڻي ۽ گڏجي رهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
0 تبصرے