English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ريڊيو ڪمپيئر شاعر، ليکڪ سڪندر سرواڻ جي سالگره ملهائي وئي
49 views
|
23rd Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)معروف ريڊيو ڪمپيئر شاعر، ليکڪ ۽ فڪري شخصيت سڪندر سرواڻ جي سالگره جي پر وقار تقريب سنڌي ادبي سنگت ملير جي ميزبانيءَ ۾ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ ادبي، صحافتي ۽ فڪري حلقن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي آغاز ۾ سڪندر سرواڻ کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ سندن علمي، ادبي خدمتن تي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويئي سالگره جو ڪيڪ ڪٽي کين محبت، عقيدت ۽ دعائن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي مشاعرو به منعقد ٿيو، جتي سُهڻن شعرن ۽ يادگارن ڳالهين سان سڪندر سرواڻ جي ادبي سفر تي روشني وڌي وئي شرڪت ڪندڙن کيس سنڌ جي فڪري سرمايي جو اهم اثاثو قرار ڏيندي چيو ته سڪندر سرواڻ ريڊيو اسٽيج ۽ ادب جي ذريعي نه رڳو نوجوان نسل ۾ ٻوليءَ، تهذيب ۽ شعور کي اجاڳر ڪيو آھي پر هو هڪ اهڙو نالو آهي، جيڪو سنڌي سماج جي فڪري راهنمائي لاءِ هميشه ياد رکيو ويندو تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت ملير جي جنرل سيڪريٽري اصغر مھرائي، قومي شاعر غفور شاه تقوي، امداد سولنگي، قمبر ٻٽ خالد ڀٽي، سينيئر صحافي سامي ميمڻ، عوامي پريس ڪلب ملير جي جنرل سيڪريٽري سيد عنایت علي شاه، جامي ميمڻ ۽ ٻيا ادبي ۽ صحافتي نمائندا خاص طور شريڪ ٿيا تقريب جو اختتام محبتن ۽ يادگار لمحن سان ٿيو جتي سڪندر سرواڻ جي ذات کي سنڌي ادب جو روشن مينار قرار ڏنو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار
12th Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں اجتماعی شادی کی تقریب، 75 ہندو جوڑے شادی کے بندھن میں بندھ گئے
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
ٹرمپ کا انجام بھی فرعون، نمرود اور رضا شاہ جیسا ہوگا: ایرانی سپریم لیڈر
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
صدر کی منظوری کے بغیر آرڈیننس جاری ہونے پر پیپلز پارٹی کا ایوان سے واک آؤٹ، بلاول نے اہم اجلاس طلب کر لیا
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄنو فوت، ٻيو زخمي
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ليکڪ سڪندر سرواڻ
0 تبصرے