سنڌ حڪومت وڪيلن جي طاقت ورھائڻ لاءِ ڪروڙين روپين جي گرانٽ ڏني: ايڊووڪيٽ اشرف سمون

سنڌ دشمن منصوبن خلاف آواز اٿاريندڙ بارز کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آھي جيڪا سراسر ناانصافي آھي

سنڌ حڪومت وڪيلن جي طاقت ورھائڻ لاءِ ڪروڙين روپين جي گرانٽ ڏني: ايڊووڪيٽ اشرف سمون

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ دشمن منصوبن خلاف اٿندڙ آواز کي دٻائڻ لاء سنڌ حڪومت وڪيلن جي طاقت ورھائڻ لاء ڪروڙين روپين جي گرانٽ ڏني آھي, 06 ڪينالن خلاف ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف آواز اٿاريندڙ بارز کي نظرانداز ڪيو ويو آھي جيڪو سراسر ناانصافي آھي ان سلسلي ايڊوڪيٽ سپريم ڪورٽ ميمبر سنڌ بار ڪاؤنسل ملير ڪراچي اشرف سمون صحافين سان ڳالھائندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جا بھادر وڪيل ۽ سنڌ ڌرتي جي عوام سنڌ ڌرتي جو صودو ڪرڻ نه ڏيندا, سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ڏيڻ خلاف 30 جون تي وزير اعلي ھاؤس جي سامھون ڌرڻي جو فيصلو ٿيندو هن چيو ته تازو ئي وزير اعلي سنڌ جي منظوري سان ھڪ ليٽر جاري ڪري سنڌ جي بار ايسوسي ايشن کي فنڊ جاري ڪيا ويا آھن, جنھن ۾ سنڌ دشمن منصوبن خاص طور 06 ڪئنالن خلاف ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ 06 ڪئنالن خلاف آواز اٿاريندڙ بار ايسوسي ايشن کي نظرانداز ڪري ناانصافي ڪئي آھي, جنھن ۾ ڪراچي بار ايسوسي ايشن جيڪا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي بار ايسوسي ايشن آھي صدر عامر نواز عامر وڙائچ ۽ ان جي ڪيبينيٽ 06 ڪئنالن خلاف اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ جنھن کي ھڪ روپيو به فنڊ نه ڏنو ويو آھي, ان کان علاوه لاڙڪاڻو ھائي ڪورٽ بار جي صدر اطھر عباس سولنگي جو ڪردار سنڌ دشمن منصوبن خلاف للڪار ھئي, پرویز ٽالپور صدر ھائي ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ميرپور خاص جيڪو ڪفن ٻڌي ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ ساٿين سميت پھتو, عبدالغني بجاراڻي صاحب جنھن جو ڪردار سنڌ دشمن خلاف ڪمبر شھداد ڪوٽ ۾ 06 ڪئنالن خلاف واضح آھي, جن کي فنڊ ھڪ روپيو به نه ڏنو ويو آھي, ان کان علاوه ڊسٽرڪٽ ايسوسي ايشن, جنھن ۾ ملير بار, ٺٺو بار, سانگھڙ بار, ڄام شورو بار, ميرپور خاص بار, ڪمبر شھداد ڪوٽ بار, لاڙڪاڻو بار ۽ ٻين ڪيترين ئي بار ايسوسي ايشن کي ھڪ روپيو فنڊ نه ڏئي ووڪلاء دشمني جو ڪردار ادا ڪيو آھي, جنھن جي آئون مزمت ڪريان ٿو محمد اشرف وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ دشمن منصوبن خلاف آواز اٿاريندڙ وڪيلن کي پيغام ڏنو آھي ته حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪندڙن کي فنڊ نه ملندا, پر وڪيل برادري باشعور آھي ۽ سنڌ ڌرتي جو صودو ڪرڻ نه ڏيندا۔