English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻو: ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ سرسو پاران ٿيٽر ڊرامي جو بندوبست
254 views
|
12th May 2023
•
سنڌي خبرون
مشهور ڪاميڊين سهراب سومرو، ماما لالو ۽ سندس ٽيم فن جو مظاھرو ڪيو
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سرسو طرفان يونيسيف پاڪستان، يو ايس ايڊ ۽ سنڌ حڪومت جي تعاون سان تعلقي باقراڻي جي يونين ڪائونسل مهراب پور جي ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ انٽيگريٽيڊ سروسز پروجيڪٽ تحت ٿيٽر ڊرامو منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ٻوڏ ۽ برسات کان متاثر ماڻھن ۾ ٻارن جي اهم حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ٿيٽر ڊرامي جي ذريعي نفسياتي مدد فراهم ڪرڻ ھيو، جڏهن ته ٿيٽر ڊرامي ۾ سنڌ جي مشهور ٽي وي، مزاحيا، ڪاميڊين سهراب سومرو، ماما لالو ۽ سندس ٽيم فن جو مظاھرو ڪيو، جنهن جو بنيادي مقصد ٻارن جي تحفظ، صحت، غذائيت، ذهني صحت ۽ ننڍي عمر جي شادين بابت اهم پيغام پهچائڻ هيو، انکان علاوھ، ٽيبلوز، گيت، شاعري، تقريرون ۽ ٻارن سان ڪچهريون پڻ شامل آهن، جڏهن ته تقريب ۾ يونين ڪائونسل جي مختلف ٻوڏ/برسات متاثر ڳوٺن مان مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت تمام گھڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف ڪرادرن ذريعي ٻارن جي حقن بابت اهم موضوعن کان آگاهي ڏني ۽ انھن جي پيش ڪيل ڊرامي مان لطف اندوز ٿيا. ان موعقتي تي جمال مصطفيٰ شورو، صائما ڪريم، شاھد حسين، سلطان چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ انفارميشن آفيسرن جي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حاجن سولنگي جي عيادت
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مشهور ڪاميڊين
سهراب سومرو
ماما لالو
سرسو
يونيسيف
يو ايس ايڊ
سنڌ حڪومت
0 تبصرے