English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف ريلي
40 views
|
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
جنسار هيسباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رزاق آباد ٽريننگ سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجن ريلي ڪڍي وئي
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي رزاق آباد ٽريننگ سينٽر کان پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڏوهن جي خاتمي ۽ ميرٽ جي بحالي لاءِ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. ريلي جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ملير جي صدر جنسار هيسباڻي، هري رام سنڌي، فرحان لاڙڪ، فياض اتيرو، سڪندر، ذولفقار سينگار ۽ ٻين ڪئي احتجاج ۾ ڪارڪنن سان گڏ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙ قومي شاهراهه ۽ رزاق آباد جي مختلف رستن تان گذرندي بينر ۽ هينڊ بل کڻي سخت نعريبازي ڪندا عوامي پريس ڪلب ملير پهتا، جتي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءُ، زميني وسيلن ۽ معدنيات سان مالامال آهي، پر ڌارين جي يلغار، وسيلن جي بي رحماڻي ڦرلٽ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ درياءَ تي ڌاڙو جاري آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ريلي جو مقصد ڪئنال منصوبي، زمينن تي والار، بدامني، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ گئس، پاڻي، بجلي ۽ سيوريج جي خراب نظام خلاف آواز اٿارڻ آهي اڳواڻن حڪمرانن کي خبردار ڪيو ته هو هوش کان ڪم وٺن، ٻي صورت ۾. ھو عوامي رد عمل کان بچي نه سگھندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
رزاق آباد
قومي عوامي تحريڪ
سنڌ دشمن منصوبن
0 تبصرے