English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ معرڪه حق جي حوالي سان منشيات خلاف ريلي ڪڍي وئي
views
|
08th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ريلي جي اڳواڻي اي ڊي سي ون غلام دستگير شيخ پاران ڪئي وئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي)جشنِ آزادي "معرڪه حق" جي سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ جي اڳواڻي ۾ گٽڪي، مائي ۽ ٻين نقصانڪار نشي آور شين جي خلاف عوامي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ صحت کاتي ۽ مڪاني ڊاڪٽرن جي سهڪار سان سول اسپتال مڪلي کان آگاهي ريلي ڪڍي ويئي . ريلي جو مقصد نوجوانن ۽ عام ماڻهن کي انهن موذي عادتن کان بچائڻ ۽ صحتمند زندگي ڏانهن راغب ڪرڻ هو. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي رکيا هئا جن تي "منشيان کان انڪار، زندگي سان پيار"، "گٽڪو – موت جو پيغام"، ۽ "نشو – هڪ ناسور" جهڙا نعرا لکيل هئا . ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر غلام دستگير شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه، مشهور ۽ معروف سينيئر ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شيام ڪمار، سول سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشيل ويلفيئر خدا بخش ٻهراني ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گٽڪو، مائو ۽ نشي آور شين جي استعمال سبب ڪينسر سميت ڪيترائي موذي ۽ جان ليوا مرض جنم وٺن ٿا، تنهنڪري اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي ان ناسور کان بچائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي . هنن عزم جو اظهار ڪيو ته اهڙين آگاهي مهمن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو ته جيئن صحتمند ۽ منشيان کان پاڪ سماج جوڙجي سگهي . ريلي ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف، تعليم، صحت، روينيو کاتن جي عملدارن، مختلف اين جي اوز، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Oct 2025
•
سندھ
سافکو نے گراسپ پروجیکٹ کے تحت مالی امداد کے چوتھے مرحلے کا آغاز
22nd Oct 2025
•
پاکستان
خیبرپختونخوا پولیس کی بلٹ پروف گاڑیوں کا اصل راز بے نقاب!
22nd Oct 2025
•
پاکستان
بلدیاتی انتخابات کے انعقاد پر پیش رفت، سیکریٹری الیکشن کمیشن نے چیف سیکریٹری پنجاب کو خط لکھ دیا۔
22nd Oct 2025
•
تازہ ترین
ٹھٹھہ: شہید ناظم جوکيو کی بیوہ شیرین جوکيو کی دوسری شادی کا انکشاف، معاملہ عدالت پہنچ گیا۔
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بدنام ۽ انعام يافته ڌاڙيلن سميت 71 ڏوهارين صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
کهڙا ۾ پراڻي دشمني تان حاضري تان موٽندڙ شخص گوليون هڻي قتل
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پير صدرالدين شاه راشدي جي سالگرھ ملهائي وئي
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: نبي سر ٿر ۾ هٿياربندن هٿان ٻه سڳا ڀائر بيدردي سان قتل، لاش ڪهاڙي سان ڪٽيا ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ٺٽي ۾ معرڪه حق
0 تبصرے