English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي سول اسپتال ۾ ويم بعد ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب عورت فوت
35 views
|
06th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ويم بعد بلڊ بند ٿيڻ ۽ غلط انجيڪشن سبب عورت فوت ٿي وئي: وارثن جو الزام
ٺٽو( شفيق ڀٽي)سِوِل اسپتال ٺٽو جي گائني وارڊ ۾ ڊليوري کان پوءِانڊر آبزرويشن رھندڙ عورت فوت، مريضن جا وارث پريشان ، ٽي ڏينهن اڳ ڊليوري ٿيل عورت خون ضايع ٿيڻ سبب ۽ مبينا غلط انجيڪشن سبب فوت ٿي وئي. فوت ٿيل عورت جي وارثن پاران اسپتال انتظاميه تي لاپرواهي جو الزام لڳايو ويو آهي. هنن چيو ته اسپتال آندل عورت جو ڊليوري کان پوءِ خون بند نه ٿيڻ سبب طبيعت گھڻي خراب ٿيڻ لڳي وارٽن چيو اسان ٻه دفعا اسپتال انتظاميا ۽ عملي کي درخوست ڪئي ته مريض کي ڊسچارج ڪيو پر انتظاميا صاف انڪار ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ اڄ مجھند ڌاري عورت فوت ڪري وئي انھن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ڊاڪٽرن ۽ سول سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه سختي سان منع ڪئي ته هتي سٺو علاج ٿي رهيو آهي وارثن چيو ته سٺو علاج اُھو ٿيو جيڪو سٻ جي اڳيان سوال بڻجي ويو آھي ، هوڏانهن سِوِل سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه به واقعي واري ھنڌ موجود رھيو ان کان علاوه سمورو اسٽاف پڻ موجودھو ، پر وارثن جي شڪايتن باوجود اسپتال انتظاميه ڪو به تسلي بخش جواب نه ڏئي سگھي . مريضن جا وارث سخت پريشان ۽ بيچين نظر آيا، جڏهن ته ان واقعي کانپوء اسپتال ۾ افراتفري وڌي وئي اسپتال جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، مريضن جي مائٽن جي گائني وارڊ ۾اندر انٽري ڪرڻ کان منع ڪيو ويو چوڪيدارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو.، وارثن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي، ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اهڙا واقعا مستقبل ۾ ورجھائڻ کان بچي سگھجي.۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ٺٽي جي سول اسپتال
0 تبصرے