English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ٽائون پوليس پاران گرفتار پپري نوجوان جا وارث پريس ڪلب پهچي ويا، پوليس تي الزام
62 views
|
05th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس فدا لانگاهه کي بس اڏي تان کنڀي سندس کيسي مان 4 لک کپي چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي: وارث
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)اسٽيل ٽائون پوليس پپري جي رهواسي نوجوان کي بس اڏي تان گرفتار ڪري کيسي مان 4لک روپيا ڪڍي چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، نوجوان فدا لانگاھ پپري ۾ جڳا وڪرو ڪري 4لک کڻي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي سپاهي آصف عباسي پيسن جي موجودگي تي کيس پڪڙي ٿاڻي منتقل ڪيو ۽ ايس ايچ او سان صلاح ڪري مٿس چرس جو ڪيس مڙھي ڇڏيو وارثن ۽ لانگاھ تنظيم جي عهديدارن جو احتجاج انتظامي آفيسرن کي پريس ڪانفرنس جي ذريعي آگاهي ۽ انصاف لاء اپيل تفصيل موجب آل پاڪستان لانگاھ جماعت سنڌ جي سينيئر وائس چيرمين حاجي منور لانگاھ ڪراچي جي صدر عزيز لانگاھ ضمير لانگاھ ۽ نذاڪت لانگاھ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيل ٽائون جي اڳوڻي ايس ايچ او طاهر قادري ۽ سپاهي آصف علي عباسي خلاف سخت احتجاج ڪندي الزام هنيو آھي.ته ڪجھ ڏينهن اڳ اسان جي برادري جو نوجوان فدا لانگاھ پپري ۾ جڳه وڪڻي 4لک روپيا کڻي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته سپاهي آصف علي عباسي کي مختلف ذريعن وٽان خبر پئي ته فدا وٽ 4لک روپيا آھن ڄاڻايل سپاهي اڳوڻي ايس ايچ او طاهر قادري جي چوڻ تي بس اڏي تان فدا لانگاھ کي ٿاڻي وٺي آيو جتي سندس کيسي مان 4لک روپيا ۽ موبائل فون ڪڍي کيس چرس رکڻ جي ڏوھ ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هنن چيو ته پوليس کاتي ۾ موجود ڪارين رڍن پوليس کاتي کي بدنام ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب شاھ لطيف ٿاڻي ۾ نوجوان جي قتل ٿيڻ جھڙا واقعيا پيش اچي رهيا آھن هنن چيو ته اسٽيل ٽائون پوليس جي ڄاڻايل سپاهي ۽ ايس ايچ او جي نوجوان سان ڪيل ظلم کي عدالت ۾ وائکو ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ سنڌ جو وڏو وزير آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ايسٽ ذون ۽ ايس ايس پي ملير فوري طور نوٽس وٺي اڳوڻي ايس ايچ او طاهر قادري ۽ سپاهي آصف عباسي خلاف انڪوائري ويهاري نوجوان فدا لانگاھ تي مڙھيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي ڦريل 4لک روپيا واپس ڪرايا وڃن هنن چتاء ڏنو ٿه جيڪڏهن اڳوڻي ايس ايچ او اسٽيل ٽائون ۽ سپاهي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري پيسا واپس نه ڪرايا ويا ته نه رڳو قانوني چارا جوئي ڪئي ويندي پر عوامي ۽ برادري بنيادن تي احتجاجي.مظاھرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اسٽيل ٽائون پوليس
پوليس تي الزام
0 تبصرے