ملير ۾ کير ڏيندڙ جانورن تي ٽيڪس وصولي وارو تڪرار، ڊي سي ملير طرفان ٽيڪس جي معطلي واري حڪم نامي تي عمل نه ٿيو

جبري ٽيڪس اوڳاڙي خلاف مقامي مالوندن احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

ملير ۾ کير ڏيندڙ جانورن تي ٽيڪس وصولي وارو تڪرار، ڊي سي ملير طرفان ٽيڪس جي معطلي واري حڪم نامي تي عمل نه ٿيو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي ۾ کير ڏيندڙ جانورن (ڏوڌ ڏيندڙ جانورن) تي ٽيڪس جي وصولي بابت پيدا ٿيل تڪرار تي ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺندي ٽيڪس جي وصولي عارضي طور معطل ڪري ڇڏي آهي هڪ هفتو گذرڻ باوجود ٻنهي ٽائون جي انتظاميا حڪم کي ٿڏي اوڳاڙي جاري رکي آهي واضع رهي ته ڊپٽي ڪمشنر ضلع ملير طرفان جاري ڪيل حڪم نامي مطابق، ٻنهي ڌرين کي طلب ڪري سندن موقف ٻڌو ويو، پر ڪا به ڌر ڀائيچاري واري حل تي راضي نه ٿي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته، اهو تڪرار ضلعي جي امن امان جي صورتحال خراب ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري معاملو لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ حوالي ڪيو ويو آهي مستقل حل لاءِ۔حڪم نامي تحت، صورتحال جي حل تائين ڪنهن به ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن (TMC) کي جانورن تي ٽيڪس وٺڻ جي اجازت نه هوندي، ۽ چيڪ پوسٽن تي ٽيڪس وصولي روڪيل رهندي.ضلعي انتظاميا ٻنهي ڌرين کي امن قائم رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي ٻي طرف جبري ٽيڪس اوڳاڙي خلاف مقامي مالوندن احتجاج جو اعلان ڪيو آهي