پاڪستان ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪي سلامتيءَ ۽ قومي بقاءَ سان تعلق رکندڙ معاملا بہ ڳجها رکيا پيا وڃن. نہ فقط اھڙا فيصلا ۽ معاھدا قوم کان لڪايا پيا وڃن پر اھڙن ٿيندڙ فيصلن ۽ معاھدن کان پارليامينٽ کي پڻ بيخبر رکيو پيو وڃي. اھڙوئي ڳجهہ ڳوھہ ۾ ٿيندڙ ھڪ معاھدو آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيو آھي جنھن کي پاڪستان جي حڪمرانن بدران آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ظاھر ڪندي چيو آھي تہ ” آمريڪا ۽ پاڪستان تيل جي وڏن ذخيرن جي ترقيءَ لاءِ ھڪ واپاري معاھدي تي صحيحون ڪيون آھن. “ ھن چيوتہ پاڪستان سان ان معاملي تي ”ڊيل“ ٿي ويئي آھي پر ھن اھو نہ ٻڌايو تہ ان تي ڪيترو ٽيرف لڳو آھي ھن رڳو ايترو چيو تہ پاڪستان ۾ موجود تيل جي ذخيرن مان گڏجي تيل ڪڍنداسين ۽ آمريڪا جي ھڪ ڪمپنيءَ کي پاڪستان موڪليو ويندو جيڪا تيل ڪڍندي. حيرت ان ڳالھہ جي آھي تہ ملڪي سلامتيءَ سان تعلق رکندڙ بين الاقوامي نوعيت جي ھن معاھدي جو اعلان نہ پاڪستان جو وزير اعظم ٿو ڪري نہ پرڏيھي وزير ۽ نہ ئي ٻين ڪا چونڊِل اٿارٽي ۽ نہ ئي آمريڪي ۽ پاڪستاني قيادت جي ڪا گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اھڙي اھم معاھدي جو اعلان ڪيو ٿو وڃي، پر پاڪستاني قوم سميت پارليامينٽ کي بہ اھڙي معاھدي جي خبر تڏھن ٿي پوي جڏھن آمريڪي صدر ان جو اعلان ٿو ڪري، پر اڄ تائين اھا ڳالھہ بہ ڳجهي رکي پئي وڃي تڏھن قوم اھو ڄاڻڻ جو حق رکي ٿي تہ ويجهڙ ۾ پاڪستان جي وزير اعظم ، پرڏيھي وزير يا ٻئي ڪنھن بہ چونڊيل عيوضيءَ نہ آمريڪا جو دورو ڪيو آھي ۽ نہ ئي صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪئي آھي تہ پوءِ ھن معاھدي تي پاڪستان پاران صحيحون ڪنھن ڪيون آھن ۽ آمريڪا جهڙي ملڪ سان ٿيندڙ ھن معاھدي جا مڪمل تفصيل ڇو لڪايا پيا وڃن؟ ان معاھدي مطابق جن صوبن مان اھڙا ذخيرا ملندا تن کي ان قدرتي خزاني مان ڪيترو حصو ملندو؟اھڙو تيل جيڪو پاڪستان، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن کان اوڌر تي حاصل ڪندو آھي ھاڻي اسان آمريڪا کي ڇو ڏيئي رھيا آھيون!
سموري دنيا ڄاڻي ٿي تہ آمريڪا تيل حاصل ڪرڻ لاءِ ليبيا، شام ۽ عراق سميت عرب رياستن ۽ ملڪن تي حملا ڪندو رھيو آھي ۽ جتي بہ تيل آھي اتي آمريڪا پھچي ويندو آھي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جنھن تيل کي يورپ خلاف ھٿيار طور استعمال ڪرڻ جو عرب ملڪن کي ڏس ڏنو ھو سو اسان بنا ڪنھن مزاھمت ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي پاڻ ئي آمريڪا حوالي ڪري چئي رھيا آھيون تہ ڪجهہ تيل اسان کي ڏيو باقي اوھان کڻي وڃو. ان کان بھتر ”ڊيل“ آمريڪا کي ڪھڙي ملي سگهي ٿي، ھن جون تہ ”پنج ئي آڱريون گيھہ ۾ “ پئجي ويون آھن.
ھر ملڪ بين الاقوامي معاھدا ڪرڻ مھل پنھنجي بقاءَ ۽ سلامتيءَ وارن معاملن ۽ خدشن کي سامھون رکندي قوم کي مڪمل طور اعتماد ۾ وٺندو آھي پاڪستان ۾ تيل جي ڳولھا ۾ آمريڪي شموليت ڇا چين لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب نٿي بنجي سگهي ڇوتہ چين اڳ۾ ئي پاڪستان ۾ China Pakistan Corridor يا چائنا پاڪستان اقتصادي راھداري (سي پيڪ) تحت توانائي بندر گاھن ۽ ڍانچي جي ترقيءَ لاءِ اربين ڊالرن جي سيڙپ ڪري چڪو آھي تنھن ڪري ڇا پاڪستان ٻن سپرپاور قوتن چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڦاسي ”سينڊوچ“ جهڙي صورت اختيار نٿو ڪري سگهي ۽ اھو معاھدو سفارتي محاذ تي اسان لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.؟ جڏھن تہ ماضيءَ ۾ فوجي حڪومتن دوران ” پرائي جنگ“ وڙھي طالبان پيدا ڪرڻ ۽ پوءِ ساڳين طالبان سان جنگ ڪري دھشتگرديءَ جي ور چڙھي اسان اڄ تائين تمام وڏو جاني ۽ مالي نقصان ڪري چڪا آھيون ۽ ان دھشتگرديءَ جي نتيجي ۾ نہ اسان جا اسڪول ۽ اسپتال محفوظ آھن ۽ نہ ئي اوليائن جا مزار ۽ مسجدون يا حساس ادارا بچيل آھن.
جيتوڻيڪ ھن وقت پاڪستان جي چئني صوبن ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولھا جو ڪم تيزيءَ سان جاري آھي پر ان شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ذخيرا سنڌ ۾ ھٿ آيا آھن ۽ پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي (PACRA) جي تازين رپورٽن موجب پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ کوھہ سنڌ ۾ لڌا ويا آھن، ۽ فقط سنڌ ۾ 247 تيل ۽ گئس جا کوھہ موجود آھن جڏھن تہ پنجاب ۾ فقط 33 کوھن تي ڪم ھلي رھيو آھي. خيبر پختون خواھہ ۾ 15 کوھہ آھن ۽ بلوچستان ۾ چئن کوھن تي ڪم ھلي رھيو آھي. ان حساب سان فقط سنڌ ۾ 82 ڏھائي 61 سيڪڙو تيل ۽ گئس جا کوھہ موجود آھن جڏھن تہ باقي پاڪستان ۾ فقط 17 ڏھائي 39 تيل ۽ گئس جا کوھہ لڌا ويا آھن. ھڪ اندازي مطابق تيل جا دنيا ۾ چوٿين نمبر تي وڏا ذخيرا پاڪستان ۾ موجود آھن ۽ پاڪستان ۾ 164 ملين بيرل تيل موجود آھي. جن کي ڳولھڻو آھي ۽ انھن کي دريافت ڪرڻ لاءِ 5 بلين ڊالر يعني 5 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪاريءَ جي ضرورت آھي ھڪ طرف آمريڪا جي ان ۾ دلچسپي آھي تہ ٻئي پاسي چين بہ اھڙي ئي خواھش رکي ٿو.اھوئي سبب آھي جو جميعت علماءِ پاڪستان جي سربراھہ مولانا فضل الرحمان وقتائتو احتجاج ڪندي چيو آھي تہ اسان پاڪستانين کي تيل جي معاھدي جو اطلاع بہ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کان ملي ٿو. پارليامينٽ ۽ صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ اھڙا معاھدا قطعي طور تي قومي مفاد جي معيار جي خلاف آھن ۽ آئين مطابق صوبن جي طئي ٿيل حق جو مستقبل غير يقيني بڻجي رھيو آھي تہ ٻئي پاسي اڳوڻي سينٽ چيئرمين رضا ربانيءَ چيو آھي تہ اھو ڏينھن شفافيت ۽ گڊ گورننس جي حوالي سان افسوسناڪ آھي تہ پاڪستان جي عوام کي آمريڪي صدر جي ذريعي خبر پوي ٿي تہ پاڪستان سان تيل ڪڍڻ جو معاھدو طئي ٿي چڪو آھي. ھن چيوتہ وفاق کي سمجهڻ گهرجي تہ اھڙا معاھدا آئين جي آرٽيڪل 172 تحت ٿيندا آھن ۽ آئين موجب ملڪ جي زمينن معدنيات ۽ ٻين قيمتي وسيلن جي 50 سيڪڙو مالڪي صوبن وٽ آھي . ھن چيو تہ وفاقي حڪومت کي نئين مغربي ايجنڊا تحت کنيل قدمن بابت فورن پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CIC) جو اجلاس گهرائي سمورا تفصيل پڌرا ڪرڻ گهرجن.
اھوئي سبب آھي جو ”تحفظ آئين پاڪستان“ تحت سڏايل اي پي سي ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن واضع طور چيو آھي تہ ملڪ ۾ عملن آئين معطل ٿي چڪو آھي ۽ ” اڻ ڏٺل مارشل لاءَ “ لاڳو آھي، عدالتون سياسي فيصلا ڪري رھيون آھن جن سان عوام ۾ سخت ڳڻتي پيدا ٿي رھي آھي تہ ٻئي پاسي ھڪ ئي ڏينھن اندر پي ٽي آئي جي 196 اڳواڻن کي ڏھن ڏھن سالن جون سزائون ڏنيون ويون آھن جن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو قائد عمر ايوب ۽ سينٽ ۾ قائد حزب اختلاف سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا شامل آھن ۽ انھن ئي عدالتن جي فيصلن جي آڌار تي اليڪشن ڪميشن پاران اھڙن چونڊيل نمائندن کي ”نا اھل“ قرار ڏيئي ايوانن کي مخالف ڌر کان خالي ڪيو پيو وڃي جڏھن تہ عمران خان اڳي ئي سزا ڪاٽي رھيو آھي ۽ چيو پيو وڃي تہ آمريڪا سان اھا ”ڊيل“ فقط ان مقصد تحت ڪئي ويئي آھي جو ھر حالت ۾ عمران خان کي ڊگهي عرصي تائين جيل ۾ رکڻو آھي موجودھہ اقتدار کي ڊگهو ڇڪڻو آھي ۽ فيلڊ مارشل کي ايڪسٽينشن ڏيئي اقتدار کي اينگهائڻو آھي. پر ان کان بہ وڌيڪ خطرناڪ ۽ ھاڃيڪار ارادا اھي آھن تہ ننڍن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا سمورا معدني ۽ مالي وسيلا ڦري لٽي انھن صوبن کي برباد ڪيو وڃي خاص طور سنڌ کي بيان ۽ ويران ڪيو وڃي.انھيءَ سازش تحت گذريل ڏينھن ۾ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (S.I.F.C) جي سفارش تي نئين مائنز ۽ منرل بل جو بم ڪيرايو ويو ھو. جنھن تحت صوبن مان نڪرندڙ اسٽريٽجڪ منرلز يعني اھڙيون اھم ترين معدني شيون جيڪي املھہ ۽ اڻلڀ ھجن ۽ جن جا ذريعا تمام گهٽ ۽ محدود ھجن، جهڙوڪ: يورينئم،ٿورينئم، ليٿيئم، سون، ٽامو، پِتل، نيوڊميم، ڊائپروسيم، ليٿيئم، ڪوبالٽ، نڪل، پلاٽينيئم ۽ ٿوريم شامل آھن، تي مرڪز کي قبضي جا اختيار ڏنا وڃن ۽ اھو پڻ وفاق طئي ڪري تہ ڪھڙي معدني وسيلي کي اسٽريٽجڪ يا انتھائي اھم قرار ڏجي، اھڙيءَ طرح فقط ٿر، جتي ڪوئلي کان سواءِ ليٿيئم، سون، ٽامي ۽ پتل نڪرڻ جا وڏا امڪان آھن، سميت اسان جون سموريون معدني شيون وفاق ڳڙڪائي وڃي ۽ اسان وٽ ڪجهہ بہ نہ بچي. ان سازش تي بہ پيپلز پارٽي راضي ٿي چڪي ھئي ۽ انھن ٻڙڪ بہ ٻاھر نہ ڪڍيو ھو.پر ان وقت سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي شدت ۽ ڪي پي ڪي ۾ ان بل خلاف احتجاجن سبب ان تي اڃا تائين عمل نہ ٿي سگهيو آھي. جنھن ڪري اقتدار ڌڻين اھو طئي ڪري ڇڏيو آھي تہ آئين کي مڪمل طور ختم ڪري ملڪ ۾ مارشل لاءَ جهڙو ”صدارتي نظام“ آڻي عدالتن ۽ ميڊيا کي مفلوج ڪري، سمورا انساني بنيادي حق سوليءَ تي سلھاڙيا وڃن ۽ مڪمل زبان بندي ڪئي وڃي تہ جيئن سندن خلاف ڪٿان کان ڪوبہ آواز نہ اڀري سگهي. سون جي تعداد ۾ سياسي اڳواڻن کي سزائون ڏيارڻ کين نا اھل قرار ڏيارڻ ۽ صدارتي نظام جا واڪا انھيءَ رٿا جو تسلسل آھن. تنھن ڪري سمورن جمھوريت پسند ۽ ترقي پسند قوتن کي گڏجي اھڙين ملڪ دشمن رٿائن جو مقابلو ڪرڻو پوندو.
0 تبصرے