پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي پٽ نواب شهمير ٽالپر طرفان مختلف ڳوٺن ۾ تعزيتون

نواب شھمير ٽالپر هيراآباد، ويھروشريف، ميگھواڙ پاڙو، منڱريا پاڙو، حويلي ۽ ٻين علائقن ۾ پهچي تعزيتون ڪيون

پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي پٽ نواب شهمير ٽالپر طرفان مختلف ڳوٺن ۾ تعزيتون

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي فرزند نواب شهمير ٽالپر طرفان عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ تعزيتون، سوڳوار خاندانن سان ملاقات ڪري ڏک ونڊيو خبر موجب پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي فرزند نواب شھمير ٽالپر عمرڪوٽ پُھچي مختلف علائقن هيراآباد، ويھروشريف، ميگھواڙ پاڙو، منڱريا پاڙو، حويلي، چنيسر سومرو، بانڌو، سڻوهي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جو دورو ڪيو، هيراآباد ۾ عامر رانگڙ جي والده ۽ لياقت مستري جي گهر واري جي وفات تي فاتحہ خواني ڪئي، ڳوٺ ويھروشريف ۾ ڊاڪٽر محمد شريف ورياماڻي سان سندس نوجوان پٽ نامياري وڪيل فرخ شريف جي وفات تي تعزيت ڪئي وئي، ويھرو بائي پاس لڳ عطاري ڪالوني ۾ مولوي عمرالدين عطاري جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ميگھواڙ پاڙي وارڊ نمبر 07 ۾ ڀوپت ميگھواڙ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، منڱريا پاڙي عمرڪوٽ ۾ سليمان منڱريو جي ڀيڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي وئي، ڳوٺ حويلي ۾ گهنشام ميگهواڙ جي نوجوان پٽ جي وڇوڙي تي افسوس جو اظهار ڪيو، ڳوٺ چنيسر سومرو ۾ پروفيسر نجم سومرو جي وڏي ڀاءُ جي وفات تي ڏک ونڊيو ڳوٺ بانڌو ۾ حجام برادري سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي، ڳوٺ سڻوهي ۾ پوڪر مل بجير جي ديهانت تي سندس پٽ سان ملاقات ڪري حوصلا افزائي ڪئي، ھن دورانيي ۾ سياسي سماجي حلقن مير علي گوھر ٽالپر، سماجي اڳواڻ لاريب خاصخيلي، دليپ ڪمار مولچنداڻي، جيلاني جماعت جي چيف خليفي لعل محمد سميجو، پي ايس رحمت الله راڄڙ، شاهـد کوسو، ولي بجير، ڊاڪٽر گھشام داس بجير، دسرت سنگھ ۽ ڪامريڊ سروڻ ڪمار بجير شامل هئا