روهڙي واسڻ ناري سانگهڙ واسي نوجوان سان پرڻو ڪري ڇڏيو

صفيه ابوپوٽو ۽ جان محمد ابوپوٽو نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو, تحفظ جو مطالبو

روهڙي واسڻ ناري سانگهڙ واسي نوجوان سان پرڻو ڪري ڇڏيو

مورو (جاني جماڻي) روھڙي واسيڻ ناري سانگھڙ واسي نوجوان سان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پسند جي پرڻو ڪري ڇڏيو تحفظ جو مطالبو روھڙي جي ڳوٺ محمود ابوپوٽو واسيڻ طلاق شده ناري صفيا خاتون ڌي امان ﷲ ابوپوٽو ۽ سانگھڙ واسي جان محمد ولد ساجن ابوپوٽو سان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو پرڻي کانپوء تحفظ جو مطالبو ناري صفيا ابو پوٽو پنھنجي مڙس جان محمد ابوپوٽو سان گڏ مورو ۾ ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته منھنجي اڳ ۾ شادي عبدالوحيد کوسو سان ٿيل ھئي ان مڙس مونکي طلاق ڏئي ڇڏي ھئي جنھن کانپوء مون پنھنجي مائٽ سانگھڙ واسي جان محمد ابوپوٽو سان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي آهي پسند جي شادي کانپوء اسان جا مائٽ اسان کي مارڻ لا۽ ڳولي رھيا آهن اسان جي جان کي خطرو آهي ان وڌيڪ چيو ته اسان کي تحفظ فراھم ڪري جيئڻ جو حق ڏنو وڃي،