ايم اين اي نيلم ڪماريءَ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ خاص مهمان طور شريڪ

ايم اين اي نيلم ڪماريءَ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ خاص مهمان طور شريڪ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر نيلم ڪماريءَ ننگرپارڪر ۾ ميگھواڙ برادري پاران منعقد ڪيل پاڪستان ميگھواڙ ڪرڪيٽ ليگ جي فائنل ميچ ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن کٽندڙ ۽ رنر اپ ٽيمز ۾ انعام پڻ ورهايا، ميچ دوران نوجوانن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو، ان موقعي تي سينيئر نائب صدر سيد صفدر علي شاهه، موهن لال موتي، وڪيل هيمراج ڀيل، رتن لال ميگهواڙ، عبدالغني سميجو، ڀيمراج ميگھواڙ، وشنداس ڪماليا، راجيش ميگھواڙ سميت ٻيا پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به موجود هئا.