امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي سنڌو درياءَ جي حفاظتي بندن جي نگراني وڌائي وڃي: زاهد حسين رند
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند آبپاشي کاتي جي انجنيئرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ مُنارڪي، ڪيٽي کوسا ۽ سنڌو درياءَ جي ٻين حفاظتي بندن جو هنگامي دورو ڪري سموري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن آبپاشي کاتي ۽ ٻين لاڳيپل عملدارن کي هدايت ڪئي ته امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي سجاول ضلعي جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياءَ جي حفاظتي بندن جي نگراني وڌائي وڃي ۽ حساس هنڌن تي پٿر، مشينري ۽ ٻي ضروري سامان جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن چوماسي جي برساتن دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بروقت منهن ڏئي سگهجي. ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر کي حفاظتي بندن جي نگراني ۽ ٻين انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند چوهڙ جمالي شهر جي ڊرين نالن جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڊرين نالن جي صفائي سميت سمورن ڊسپوزلن کي فعال رکيو وڃي. هن چيو ته چوماسي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي.
0 تبصرے