English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڌاٻيجي ۾ هٿياربند نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار
42 views
|
16th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائين بدران ننڊ سُتل آهي: زخمي جا وارث
ٺٽو (شفيق ڀٽي )ڌاٻيجي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، سومرو پمپ ڀرسان نامعلوم هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري مقامي نوجوان شاهزيب شاهه بخاري کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. فائرنگ بعد جوابدار آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر گهارو منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.زخمي نوجوان جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته ايس ايڇ او مبين پرھياڙ ۽ سندس ٽيم سڄو ڏينهن منشيات فروشن جي سهولتڪاريءَ ۾ لڳل آهي، جنھن سبب عام ماڻهو غير محفوظ ٿي ويا آهن. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسان جي ماڻھوءَ کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار موجوده ايس ايڇ او هوندو. هوڏانهن علائقي جي سياسي ۽ سماجي حلقن به سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڌاٻيجي ۾ ڏوهارين جا حوصلا بلند ٿي ويا آهن، ماڻهو پنهنجن جانين ۽ مال بابت سخت پريشان آهن. هنن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او کي فوري طور هٽائي علائقي ۾ ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر مقرر ڪيو وڃي. شهرين سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته هو ڌاٻيجي جهڙي حساس علائقي ۾ پوليس جي غفلت ۽ خاموشيءَ جو نوٽيس وٺن ۽ مقامي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪن، ٻي صورت ۾ ايندڙ ڪنهن به ان وڻندڙ واقعي جي ذميواري سڌيءَ ريت لاپرواه آفيسرن تي هوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار
12th Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں اجتماعی شادی کی تقریب، 75 ہندو جوڑے شادی کے بندھن میں بندھ گئے
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
ٹرمپ کا انجام بھی فرعون، نمرود اور رضا شاہ جیسا ہوگا: ایرانی سپریم لیڈر
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
صدر کی منظوری کے بغیر آرڈیننس جاری ہونے پر پیپلز پارٹی کا ایوان سے واک آؤٹ، بلاول نے اہم اجلاس طلب کر لیا
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄنو فوت، ٻيو زخمي
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڌاٻيجي
زخمي جا وارث
0 تبصرے